پارٽي چيئرمين شپ تان هٽائڻ وارو مامرو، عمران خان اليڪشن ڪميشن خلاف وڏو قدم کڻي ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين شپ تان هٽائڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس چئلينج ڪري ڇڏيو .

عمران خان اليڪشن ڪميشن جي ست ڊسمبر واري نوٽيس کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اين اي 95 ۾ نااهلي کانپوءِ پارٽي چيئرمين شپ تان هٽائڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن مبينا طور غلط بيان جمع ڪرائڻ تي نوٽيس جاري ڪيو.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اليڪشن ڪيمشن پنهنجي اختيارين جون حدون اورانگهي اليڪشن ٽربيونل جو اختيار استعمال نٿي ڪري سگهي.

درخواست ۾ چيوويو آهي ته عمران خان کي نااهل چوڻ بنا جواز ۽ غيرقانوني آهي، پي ٽي آءِ سربراهه کي مُلڪ جي سياست کان پري رکڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت عمران خان کي ڪٿي به ڪوڙو قرار ناهي ڏنو ويو، اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس غيرقانوني قرار ڏئي ڪالعدم ڪيو وڃي.

درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته حتمي فيصلي تائين اليڪشن ڪميشن کي عمران خان خلاف ڪارروائي کان روڪيو وڃي ۽ اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس پڻ معطل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.