ٻوڏ متاثرن کي گهرن لاءِ معاوضو ڏيڻ واري ڳالهه ياد ايندي ئي رات جي ننڊ حرام ٿي ويندي آهي: وزيراعظم

صحبتپور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڌ متاثرن کي گهرن لاءِ معاوضو ڏيڻ واري ڳالهه ذهن ۾ ايندي ئي راتين جي ننڊ حرام ٿي ويندي آهي ، ڏهه لک گهر پاڻي ۾ لوڙهي ويا آهن، انشاءَ الله اسان کين معاوضو ڏينداسين.

بلوچستان جي ضلعي صحبتپور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻوڏ سبب سڄو صحبتپور ضلعو پاڻي ۾ ٻڏل هو، هتي پاڻي ۽ خوراڪ پهچائڻ سولو ڪم نه هيو پر اڄ صحبتپور جو علائقو ڏسي دل باغ بهار ٿي وئي آهي.

هن چيو ته ايڏي وڏي ٻوڏ پنهنجي حياتي ۾ نه ڏٺي هئي، سنڌ جو ميداني ۽ بلوچستان جو جابلو علائقو پاڻي ۾ ٻڏل هو، ڊپ ٿيندو هوته متاثر جي مدد ڪئين ڪنداسين.

شهباز شريف چيو ته جن حالتن ۾ اسان حڪومت سنڀالي هئي، آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽٽي چڪو هو ۽ مهانگائي عروج تي هئي پر ان باوجود وفاق ٻوڏ متاثرن لاءِ سئو ارب رُپيا خرچ ڪيا ۽ اڃا به ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪيئي سئو ارب رُپيا گهربل آهن.

هن چيو ته نوَ جنوري تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنل سان جينيوا جي ڊونرز ڪانفرنس جي سربراهي ڪندس، ان سلسلي دوست ملڪن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي رهيو آهيان، ملائيشيا جي وزيراعظم سان به ڪالهه ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.

وزيراعظم چيو ته پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ اسان کي پاڻ همت پيدا ڪرڻي پوندي.

وزيراعظم بلوچستان ۾ ٻارنهن دانش اسڪول ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته دانش اسڪول ۾ غريت ۽ يتيم ٻارن لاءِ مفت تعليم ۽ کاڌي پيتي جو انتظام هوندو، بلوچستان جو چيف سيڪريٽري اسڪولن لاءِ زمين جي ڳولا ڪري ۽ فوري طور پيڙهه جو پٿر رکي.

هن چيو ته صحبتپور دانش اسڪول ۾ هاسٽل ۽ ٻيون سهولتون مڪمل ٿيڻ تي ٽيويهين مارچ تي افتتاح ڪنداسين، بلوچستان ۾ اعلانيل ٻارنهن اسڪولن سان گڏ ڪلينڪ به هوندا ۽ اسڪولن ۾ شمسي توانائي ذريعي بجلي فراهم ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.