ڪڪڙ صحت لاءِ هاڃيڪار آهي نه کائو، حڪومت عوام کي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير نيشنل فوڊ سيڪيورٽي طارق بشير چيما چيو آهي ته اسلام آباد ۾ 17 هزار اٽي جي بيگز جو شارٽ فال آهي، رڳو اسلام آباد جي حد تائين جي قيمت جي حوالي سان جوابدار آهيان.

وفاقي وزير اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خوراڪ جي تحفظ واري وزير چيو ته اٽي ۽ ڪڻڪ جي اگهن جو تعين صوبائي حڪومتون ڪنديون آهن، صوبن ۾ مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ مقامي حڪومت جي ذميواري آهي. فلور ملز مالڪ پاڻمرادو اگهه وڌائي ڇڏين ٿا ۽ پنهنجي صلاحيت پٽاندڙ اٽو نٿا ٺاهين.

طارق بشير چيما چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس چار هزار مقرر ڪئي، سپورٽ پرائس مقررڪرڻ کان پهرين هارين جي لاڳت کي ڏٺو ويندو آهي، چارهزار سپورٽ پرائس تي پورهيت اَٽو ڪيئن خريد ڪري سگهندو.

هن چيو ته جنهن ڏينهن بلاول ڀٽو ۽ وزيراعظم جي ملاقات ٿي  ان ڏينهن ڪڻڪ جي قيمت وارو مسئلو حل ٿي ويندو.

سندس چوڻ هو ته گذريل سال هڪ لک ٽن کنڊ برآمد جي اجازت ڏني، هنيئر تائين هڪ ڪلو کنڊ برآمد ناهيون ڪري سگهيا، عالمي منڊي ۾ کنڊ سستي ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ مهانگائي اسان جو مسئلو نه آهي، مهانگائي تي ظابطو آڻڻ صوبائي حڪومتن جو مسئلو آهي.

وفاقي وزير چيو ته اسٽريٽيجڪ ڪڻڪ ذخيرن کي نٿا ڇهي سگهون، روزاني بنيادن تي فوڊ سيڪيورٽي جي ذخيرن کي ڏسي رهيا آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته جي ايم او سويابين زهريلي بيماري ۽ هڪ قسم جو ڪينسر آهي، ڪڪڙ کائڻ ڇڏي ڏيو، مان ناهيان کائيندو، وڏو گوشت به ناهيان کائيندو، جي ايم او سويابين جو پولٽري ۾ استعمال بيماري پکيڙي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.