ڇا سنڌ بين القوامي يتيمخانو آھي ؟

خاصخيلي لطيف راولاڻي

سنڌ ۾ ڪافي سالن کان وٺي ڌارين جي ايتري يلغار ٿي آھي جنھن جو اندازو ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آھي ۔ماضي ۾ انھي ڏس ۾ تمام گھڻا احتجاجي مظاھرا ٿيا آھن پر ٻاھرئين آبادڪاري رڪجي نه سگھي آھي ۔تازوپنجاب حڪومت ڌارين جي آبادڪاري خاص طور تي جيڪي افغاني پناھگير اسلام ۽ مسلمان جي ناتي ۾ پاڪستان جي حوالي ڪيا ويا ھئا انھن جي ڪري  ملڪ ۾ بدامني وڌي وئي آھي انھي ڪري ئي پنجاب حڪومت انھن تي سخت پابندي ھڻي ڇڏي آھي ۽ انھن کي پنجاب نيڪالي ڏني وئي آھي ۔۽ پوري صوبي ۾ افغانين جي نيڪالي جا بينر لڳايا ويا آھن ۔ڪوبه افغاني اتي ڪاروبار ۽ رھائش اختيار نٿو ڪري سگھي ۔تاريخ تي نظر وجھنداسين ته ھي اھو ئي پنجاب صوبو آھي .

جڏھن پاڪستان کي وجود ۾ آندو ويو ۽ ھي ملڪ ٻن قومي نظرين ھندو ۽ مسلم جي بنياد تي ٺھيو ھو۔جتي ھندن جي گھڻائي ھئي اتي ھندوستان جا صوبا ۽ جتي مسلمانن جي گھڻائي ھئي اتي مسلم صوبا ٺاھي ورھاست ڪئي وئي ۔جڏھن مسلمان پناھگير واھگهه بارڊر پار ڪري پنجاب ۾ داخل ٿيا ته پنجاب حڪومت انھن کي اڳتي ڌڪيو ته ھي پاڪستان ڪونھي لکن جي تعداد ۾ ھي مسلم ملتان پھتا جيڪو سنڌ جو ئي علائقو ھو ڪجھه  اتي رھي پيا اھڙي ريت قافلا ايندا ويا ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن سکر خيرپور نوابشاه حيدرآباد ۽ پوءِ  ڪراچي ۾ اچي رھيا جتان ھندو لڏپلاڻ ڪري انڊيا وڃي رھيا ھئا جنھن جو تفصيلي ذڪر سنڌي ليکڪ لڇمڻ ڪومل پنھنجي آتم ڪٿا جي ٽن واليم تي مشتمل ڪتاب ”وھي کاتي جا پنا“ ۾ ڪيو آھي ۔ان کان پوءِ  مسلسل ڌارين جي آبادڪاري سنڌ ۾  داخل ٿيندي رھي ٿي جنھن جو حڪومت ڪوبه نوٽيس ڪونه ٿي وٺي ۔مسلم پناھگيرن کان علاوه سنڌ ۾ ايراني ۔برمي بنگالي چيني فلسطيني قبائلي علائقن جا ماڻھو جيڪي اتان ڏوه ڪري ڀڄي آيا آھن اھي پختونخواه جي علائقه غير سان تعلق رکن ٿا جن ۾ مختلف ايجنسين جن ۾ خرم ايجنسي ۔مھمند ايجنسي بٽگرام ۽ ٻين علائقن جا ھزارن جي تعداد ۾ ماڻھو سنڌ ۾ رھيا پيا آھن.

افغان انقلاب روس جي ناڪامي کانپوءِ  افغاني پناھگيرن جي آمد جو سلسلو صرف سنڌ ۾ رھيو ۽ لکن جي تعداد ۾ غير قانوني طور تي افغاني سنڌ ۾ آباد آھن جن جا ڪاروبار به انھن جي ئي نالن سان ۽ اتي جي صوبن جي نالن سان آھن جن کي ڪير به چوڻ وارو ڪونھي، ڪوبه قانون قاعدو ڪونھي ھتي وڏا وڏا ڪاروباري مرڪز جن جا نالا افغان ڪارپيٽ افغان بلڊر ھلمند موٽرز ۔ڪابل ڪار شوروم ۽ ٻين مختلف نالن سان آھن. جيڪي مڪمل طور تي غير قانوني آھن ۽ سنڌ لاءِ  خطرو آھن، اھي مستقل طور تي ھتي آباد ٿي ويا آھن ۽ انھن سنڌ کي بين القوامي يتيم خانو ٺاھي ڇڏيو آھي جو دنيا جا تڙيل ماڻھو به سنڌ ۾ اچي آباد ٿين ٿا ۽ ھتي جعلي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل ٺھرائي وڏيون نوڪريون پڻ ڪن ٿا ۔جن تي ڪابه جھل پل ڪونھي، ان جو وڏو ڪارڻ اھو معلوم ٿيو آھي جو حڪومت ۾ ويٺل ڪامورا ان ڪاري ۽ ناجائز ڪم ۾ شامل آھن جن جي نشاندھي به ٿي آھي ۽ اھڙا ڪافي جعلي ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ پڻ پڪڙ ۾ آيا آھن ۔خود نادرا جو ادارو به انھي ڪاري ڪاروبار ۾ ملوث رھيو آھي .

ھاڻي ته سنڌ کي مڪمل طور تي بين القوامي يتيم خاني جي شڪل ڏني وئي آھي. اسان جا وس وارا ادارا ۽ حڪومتي مشينري انھي ڏس ۾ بيوس نظر اچي پئي انھن ڌاري آبادڪاري جي خلاف ڪوبه اسيمبلي مان قانون پاس ڪونه ٿو ڪيو وڃي جئين وڌنڌڙ ڌاري آبادڪاري کي ٻنجو اچي سگھي ۔موجوده حڪومت کي گھرجي ته ھو فوري قدم کڻندي سنڌ کي بين القوامي يتيم خانو ٿيڻ کان بچائڻ جا اپاءَ وٺي ۔سنڌ جيڪا صوفين سامين جي ڌرتي آھي ھتان فوري طور تي غير قانوني آبادڪاري کي نيڪالي ڏني وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.