روشنيءَ کي روڪيندڙ پھاڙ

ڄام صنم سنڌي

سقراط کي جڏھن موت جي سزا ٻڌائڻ کانپوءِ زھر جو پيالو ڏنو ويو ته سندس شاگرد روئي رھيا ھئا،سقراط کانئن پڇيو ته ”ڇو روئي رھيا آھيو“؟ ته انھن چيو ته ”توھان بيگناھ ماريا پيا وڃو“ ته سقراط چيو”توھان ڇا ٿا چاھيو ته مان گناھ ڪري ماريو وڃان“؟ دنيا جا ڏاھا سچ ڪاڻ سر ڏئي ويا،  انھيءَ ڪري بيگناھ مري ويا ته ھن جھان ۾ جرئت جيئندي رھي،ھمت ڪڏھن به ھار نه کائي،فڪر ڦولارجندو رھي ۽ سچ جي سج جا ڪرڻا ھر ذھن جي سوچ کي سوجھرو بخشيندا رھن.

اھڙو سوجھرو جنھن کي ڪو نه ڪو پھاڙ روڪيو ويٺو ھوندو آھي، ھڪ بلند حوصلامند ماڻھو پنھنجي گھر جي ڀرسان جبل جي چوٽيءَ تي ويھي ان کي ھٿوڙي سان ڌڪ ھڻي رھيو ھو ته جبل ھيٺان گذرندڙ ھڪ ماڻھوءَ پڇيس ته ڇا ٿو ڪرين؟؟ چيائين ھي جبل ڏاڍو وڏو آھي سج ھن جي اوٽ ۾ لڪي گذري ٿو وڃي ۽ منھنجي گھر تائين سج جي روشني نٿي پھچي ان ڪري جبل کي ٽوڙيان پيو، تنھن تي اڳئين کلي ڏنو ۽ چيائينس ته: اوچريا! سڄي عمر گذري ويندئي پر ھي جبل ڀڃين نه سگھندين، ھن اڏول انسان جبل کي ڌڪ ھڻندي چيس ته تون صحيح ٿو چئين جيڪڏھن منھنجو ڏاڏو ھن پھاڙ کي ڀڃي ھان ته اڄ مان روشنيءَ ۾ ھجان ھان پر ھاڻي مون پاڻ سان اھو وچن ڪيو آھي ته جيسيتائين جيئرو آھيان تيسين ھن پھاڙ کي ٽوڙيندو رھندس، گھٽ ۾ گھٽ منھنجي ايندڙ نسلن کي ته روشني نصيب ٿيندي“ يقينن اھڙن ماڻھن جي حوصلي کي ڏسي چيو ويو آھي ته:never loss hope, Tomorrow could be the day you have been waiting for .

اميد ۽ حوصلو ڪڏھن به ڇڏڻ نه گھرجي. ڇو ته پر اميد رھندڙ ئي پھاڙ ٽوڙي سج جي روشني سھيڙڻ ۾ ڪامياب ويندا آھن سماج ۾ سوين قسمن جا پھاڙ انسان اڳيان رڪاوٽون بڻيل ھوندا آھن، اھو انسان جي ھمت، حوصلي، پختي ارادي، جذبي، ايمان ۽ اميد تي منحصر ھوندو آھي ته ھُو انھن جبلن کي پنھنجي جاءِ ڇڏڻ تي ڪيئن ٿو مجبور ڪري؟ رڳو پٿرن جا پھاڙ ئي نه پر غلط سوچن، روين، غلامين، شدت پسندين، منفي ڪردارن، تڪرارن، ظلم، ستم، ناانصافين ۽ جھالتن جا جبل ھر قدم تي سٺي انسان کي مد مقابل ٿي کائنس جيئڻ جو حق کسيندا ۽ اونداھي ارپڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا رھندا آھن پر ھُو سماج جي آجپي ۽ جياپي لاءِ ھر جبل سان جنگ جوٽي کيس ڀڃڻ جو عھد ڪري اڳتي وڌندو ۽ ھر قدم تي جبلتن سا ٽڪر کائيندو رھندو آھي. ڇو ته وٽس انھيءَ روشنيءَ کي گھر تائين پڄائڻ جي اميد ھوندي آھي. جيڪا سندس ايندڙ نسلن کي روشن مستقبل ارپيندي.

چوندا اھن ”سماج لاءِ وڙھو،وڙھي نٿا سگھو ته لکو،لکي نٿا سگھو ته ڳالھايو،ڳالھائي نٿا سگھو ته ساٿ ڏيو،ساٿ نٿا ڏئي سگھو ته جيڪي وڙھن،ڳالھائين ۽ لکن ٿا انھن جي مدد ڪيو پر جيڪڏھن مدد به نٿا ڪري سگھو ته گھٽ ۾ گھٽ انھن جي حوصلا شڪني نه ڪيو، انھن کي دل شڪسته نه ڪيو، انھن جي ھمت نه ٽوڙيو. ڇو ته ھُو توھان جي حصي جي جنگ به وڙھي رھيا آھن. قوم جي نسلن اڳيان روشني کي روڪي بيٺل پھاڙن سان اڪيلي سر جھاد ڪري قومن جي جنگ لڙي ڏاڍ، جبر، لاقانونيت، انارڪي، طاغوتي طاقتن جا جبل علم، فڪر، فھم ۽ شعر جي ھٿوڙن سان ڪٽي راھون ھموار ڪندا ٿا رھن ته جيئن نئون نسل جبر ۽ جھالت جي اونداھ ۽ انڌوڪار کان سدائين بچيل رھي. مولا علي عليه السلام جن جو فرمان آھي ته ”ڪنھن طاقتور جي سامھون بيھي رھڻ به فتح جي نشاني آھي“ اھو طاقتور جبل به ٿي سگھي ٿو ته ماڻھو به. ڪنھن به اڏول ۽ ارڏي جو ڪنھن طاقتور سان حق ۽ ناحق، سچ ۽ ڪوڙ، روشني ۽ اوندھ تي اٽڪاءُ ڏسو ته يقين سمجھو ته ھُو ھڪ اھڙو فاتح آھي جيڪو ايندڙ نسلن کي روشني پھچائڻ لاءِ پھاڙن سان ٽڪرايو آھي تنھن ڪري ان جو ساٿ ضرور ڏيو ۽ ان کي ھمٿايو ضرور.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.