يوٽيلٽي اسٽورن تي سستائي واري سھولت جو ڦرجڻ!

ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي سبب ھر شھري پريشاني جي ور چڙھي ويو آھي.وچولي ۽ ھيٺئين طبقي جي لاءِ رڳو پيٽ گذر ڪرڻ بھ گھڻو ڏکيو ٿي پيو آھي، ان سلسلي ۾ ڪنھن حد تائين حڪومت پاران يوٽيلٽي اسٽورن تان وچولي ۽ پگھاردار طبقي جي ماڻھن کي روزمرھ جون ڪجھھ شيون ڪنھن حد تائين ڪنٽرول ريٽ تي ملي رھيون ھيون،جنھن مان ھيٺيون ڪلاس ۽ غريب غربو بھ وقتي طور تي ڪجھھ فائدو حاصل ڪري سگھندو ھو،پر نئين سال جي موقعي تي مرڪزي حڪومت عوام کي مھانگائي گھٽ ڪرڻ جي بجاءِ ويتر ھڪ مھانگائي جو تحفو ڏئي ڪري سال جي شروع ٿيڻ سان ئي انھن جي مسئلن کي وڌائي ڇڏيو آھي.

حڪومت جي نئين اعلان موجب ھاڻي يوٽيلٽي اسٽورتي ھر عام شھري کي اھا سھولت حاصل نھ ھوندي جڏھن تھ اسٽورن تان ملندڙ عام واھپي جي شين جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آھي.

وفاقي حڪومت ملڪ اندر يوٽيلٽي اسٽورن تي عام مارڪيٽ کان گهٽ اگھه تي وڪامندڙ عام واهپي ۽ استعمال جي شين جي قيمتن ۾ غير معمولي اضافو ڪري ڇڏيو آھي،سرڪاري پڌرائي موجب قيمتن ۾ ڪيل واڌ فوري لاڳو تصور ٿيندي،جنهن کان پوءِ عام مارڪيٽ ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي وڪرو ٿيندڙ شين جي اگهن ۾ فرق لڳ ڀڳ ختم ٿي ويو آھي.

سرڪار جي جاري ڪيل پڌرائي  مطابق يوٽيلٽي اسٽورن تي گيھه جي في ڪلو جي قيمتن ۾ 71 رپين جو اضافو ڪيو ويو آھي، جنهن بعد برانڊيڊ گيھه جي ڪلو جي قيمت وڌي 468 رپيا ٿي وئي آھي، پنج ڪلو گيھه جي ٽن جي قيمت ۾ 695 رپين جي واڌ ٿي آھي، جنهن بعد 5 ڪلو گيھه جي في ڪلو جي قيمت وڌي 2370 رپيا ٿي وئي، ديسي گيھه جي هڪ ڪلو قيمتن ۾ 220 روپين جي واڌ ڪري في ڪلو جي قيمت  1420 روپيا مقرر ڪئي وئي آھي.نوڊلز جي قيمتن ۾ 20 رپين جي واڌ ڪئي وئي آھي، جنهن بعد چئن پيڪ وارن نوڊلز جي قيمت 227 روپيا ، 800 گرام واري ٽماٽي ڪيچپ جي قيمتن ۾ 30 رپين جي واڌ سان ان جي  قيمت 318 رپيا، 800 گرام لوڻ جي قيمت ۾ 10 روپيا، مينگو جام جي قيمتن۾ 29 روپين جي واڌ ڪئي وئي آھي. ساڳي ريت گرم مصالحن جي پيڪيٽ جي قيمتن ۾ 10 کان 30 روپيا ،800 گرام  ٻارن جي خشڪ کير جي قيمت ۾ 120 رپين جو اضافو ڪيو ويو آھي، جنهن بعد 800 گرام خشڪ کير جي قيمت 1690 رپين کان وڌائي 1810 رپيا مقرر ڪئي وئي آھي ،50 گرام ڪافي جي قيمت ۾ 145 روپيا ۽ 200 گرام ڪافي جي قيمت ۾ 370 روپين جي واڌ ٿي آھي، صابڻن جي قيمتن ۾ 5 رپيا 40  روپيا  ۽ ھينڊ واش 450 ملي گرام لڪيوڊ جي قيمتن ۾ 20 رپيا ، بوٽ پالش جي ڊٻي جي قيمت ۾ 20 رپيا جي واڌ ڪئي وئي آھي. ائين يوٽيلٽي اسٽور تي وڪرو ٿيندڙ سمورين شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آھي.

ھاڻي سرڪار جي اعلان موجب يوٽيلٽي اسٽورز تي سستين شين جي هر شهري لاءِ هڪ جيتري فراهمي واري سھولت بھ ختم ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ رڳو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ واهپيدارن کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ملندي. يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ، گيهه ۽ اَٽي جي نظرثاني ٿيل اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن تحت عام ماڻهن لاءِ گيهه، اٽو ۽ کنڊ جي قيمت وڌائي وئي آهي. اسٽورز تي نوان اگهه لاڳو ڪيا ويا آهن ۽ عام شهرين لاءِ  گيهه 75 رُپيا، کنڊ 19 رُپيا في ڪلو  ۽ 10 ڪلو اٽي جي ٿيلي 248 رُپيا مهانگي ڪئي وئي آهي عام شهرين کي کنڊ 89 رُپيا في ڪلو، گيهه 375، اٽي جي 10 ڪلو واري ٿيلهي 648 رُپين ۾ ملندي. ٻئي پاسي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وارن لاءِ کنڊ 70 رُپيا في ڪلو ٿي وئي، کين ڏهه ڪلو اٽو چار سئو رُپين ۽ گيهه ٽي سئو رُپين ۾ ملندو. ٽارگيٽڊ سبسڊي وارن واهپيدارن کي ماهوار چاليهه ڪلو اٽو، پنج ڪِلو کنڊ ۽ پنج ڪلو گيهه خريداري جي اجازت هوندي، جڏهن ته عام شهرين لاءِ اِها حد گهٽائي ماهوار ويهه ڪلو اٽو، ٽي ڪلو کنڊ ۽ ٽي ڪلو گيهه خريدڻ جي سھولت حاصل ھوندي.

يوٽيلٽي اسٽورز اختيارين جو چوڻ آهي ته نئين فيصلي باوجود عام شهرين کي اوپن مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ يوٽيلٽي ۾ سستيون شيون ملي سگهنديون.حڪومت پاران لڳ ڀڳ اڄ کان پنجاھھ سال اڳ تڏھوڪي پيپلزپارٽي جي حڪومت پاران يوٽيلٽي اسٽورن جي ذريعي معياري شيون سستي اگھھ تي فراھم ڪرڻ جي مقصد سان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جو ادارو قائم ڪيو ويو ھو.جنھن ۾ وقت سان گڏوگڏ گھڻو ڦيرو اچي ويو ھو ، جيتوڻيڪ انھن اسٽورن تان ملندڙ ھر شيءِ جو معيار ڪو گھڻو بھتر نھ ھوندو ھو پر ان ھوندي بھ ماڻھن جي ھڪ خاصي انگ کي ان مان فائدو ملندو ھو،جنھن مان عام ماڻھون پڻ فائدو حاصل ڪري سگھندا ھئا، اھا ٻئي ڳالھھ آھي تھ ان بابت ڪئين ڪھاڻيون جڙيون ۽ ان ۾ بدعنواني جا قصا بھ مشھور ٿيا پر تڏھن پڻ وچولي ۽ ھيٺئين ڪلاس جي ماڻھن جي لاءِ اھا ھڪ بھترين سھولت ھوندي ھئي.

جيتوڻيڪ يوٽيلٽي اسٽور مخصوص جاين تي ھوندا ھئا ۽ ان جي ٻھراڙي جي ھڪ وڏي انگ کي ڪا بھ سھولت حاصل نھ ھوندي ھئي، ھئڻ تھ ائين گھرجي ھا تھ حڪومت ان سلسلي کي وڌيڪ بھتر ڪري ھا ۽ اھا سھولت گھٽ ۾ گھٽ يونين ڪائونسل سطح تائين پھچائي ھا پر اھو سڀ ممڪن نھ بڻايو ويو، جنھن ڪري ان مان خاص طبقو فائدو حاصل ڪري سگھندو ھو.

حڪومت جي ھاڻوڪي فيصلي سان عوام کي ڪنھن فائدي بجاءَ گھڻو نقصان ٿيندو جنھن ڪري غربت ۾ ويتر اضافو ٿيڻ جو امڪان آھي،جنھن جا مجموعي طور تي سماج ۾ ناڪاري اثر پوندا.

حڪومت کي فوري طور تي يوٽيلٽي اسٽورز تي عام واھپي جي شين جا اگھھ گھٽائي ڪري ھر شھري کي ھڪ جيتري مقدار ۾ سامان خريد ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو موجود مھانگائي سان ھر طبقي جي بجيٽ متاثر ٿي رھي آھي، ماڻھن جو رواجي زندگيءَ کي گذرڻ بنھھ مشڪل ٿي ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.