ڊاڪٽر ايوب شيخ جي زندگي کي ملهائڻ جي اهميت ۽ ضرورت

زرار پيرزادو

¨ ڪالهه ( 2 جنوري 2023ع) پريس ڪلب ڪراچي ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ جي سالگرهه جي مناسبت سان سندس دوستن هڪ ننڍڙي گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ مان به شريڪ ٿيس ۽ نه رڳو شريڪ ٿيم پر ان گڏجاڻي کي ڀيٽا تقريب ۾ منتقل ڪري دوستن کي ايوب شيخ کي خراج پيش ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪيم  ۽ آخر ۾  ايوب شيخ مختصر پر جامع نموني پنهنجي زندگي جي بنيادي رخن تي انتهائي مهارت سان روشني وڌي. جنهن گڏجاڻي کي يادگار بڻائي ڇڏيو.

¨ ان گڏجاڻي ۾ مسعود نوراني، ڊاڪٽر قاسم راڄپر، مهيش ڪمار، اشرف کهاوڙ، امتياز فاران، رحمت پيرزادو، منصور مغيري، افشان خاصخيلي، اسد رڏ، موهن لال، حيدر جوڻيجي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

¨ ڊاڪٽر ايوب شيخ حقيقي معنيٰ ۾ گهڻ رخي ۽ گهڻ صلاحيتي شخصيت آهي. هو هڪ ئي وقت سياسي دانشور، صحافي، ايڊيٽر، ليکڪ، ڪالم نگار، نقاد، دانشور، ڪمپيئر، تجزئي نگار، سماجي ڪارڪن، آرگنائيزر، ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ۽ وزيرن جو صلاحڪار رهيو آهي. موجوده وقت ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي انتظام ڪاري ۾ اهم عهدي تي آهي.

¨ ڊاڪٽر ايوب شيخ حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ تاريخي شعور جو تسلسل آ. سنڌ جي سڄي تاريخ سندس شخصيت ۾ سمايل آهي. هيءُ نه رڳو سنڌ جي ڏاهن  جو تسلسل آ پر ان روشني ۾ سندس پنهنجي جيڪا انفرادي سوچ جڙي آهي تنهن جو هو جڏهن به ۽ جتي به اظهار ڪندو آهي ته اهو نت نئون ۽ اکيون کوليندڙ لڳندو آهي.

¨ بقول ڊاڪٽر قاسم راڄپر جي ته ڪو مسئلو ناهي هوندو جنهن جو ڊاڪٽر ايوب وٽ حل نه هجي ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ جو خيال هو ته هر مسئلي جو حل اوهان جي پنهنجي بيهڻ سان مشروط آهي. پوءِ اُهو مسئلو اوهان جي بيماري جو آهي، حڪومتي آهي، قومي آهي عوامي آهي، تعليمي آهي وغيره. توهان مسئلي جي حل لاءِ جڏهن چٽي ۽ واضح نموني بيهندئو ته تڏهن ئي مسئلو حل ٿيندو.

¨ ان موقعي تي چوٿين مارچ جي هيري، نامياري دانشور مسعود نورانيءَ جو چوڻ هو ته هن وقت آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي سو اسان مان ڪنهن به ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪير ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڊاڪٽر ايوب شيخ ان اداري ۾ سنڌين ۽ غير سنڌين کي هڪٻئي سان ملائڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهائڻ جو جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي تنهن جي اهميت جو  هر ڪنهن کي اندازو ناهي.

¨ منهنجو خيال آهي ته ڊاڪٽر ايوب شيخ وٽ آف دي ريڪارڊ سنڌ جي جيڪا تاريخ سانڍيل آهي تنهن کي ريڪارڊ تي اچڻ گهرجي ۽ اهاآتم ڪٿا جي صورت ۾ ئي بهتر انداز سان قلبند ٿي سگهي ٿي. تنهن ڪري ايوب شيخ صاحب کي پهرين فرصت ۾ اهو ڪم ڪرڻ گهرجي.

¨ اها تمام سٺي ڳالهه آهي ته رحمت پيرزادي، ريکائون پبلڪيشن ذريعي ڊاڪٽر ايوب شيخ جي سالگرهه جي حوالي سان خاص ڪارنر شايع ڪري رهيو آهي جنهن ۾ يقيني طور تي ڊاڪٽر ايوب شيخ جي شخصيت،  لکڻين، فڪر، عملي ڪمن، خدمتن ۽ ڪاوشن تي ليکڪن لکيو هوندو ۽ ايئن ڊاڪٽر ايوب شيخ جي شخصيت جا ڪيترائي اهم ۽ نوان  پاسا ريڪارڊ تي اچي ويندا جيڪي لڪيل آهن.

¨ هن پنهنجي عمر ۾ سنڌ جي سڀني وڏن سياستدانن، اديبن، سماجي شخصيتن کي انتهائي ويجهو کان ڏٺو آهي. مان ته ايوب شيخ ۾ انهن سڀني سياستدانن، اديبن، سماجي شخصيتن جو  تسلسل ڏسان ٿو.

¨ وقت جي تقاضا اها آهي ته ڊاڪٽر ايوب شيخ ان تسلسل کي هاڻي  ڪا باقاعدي شڪل ڏي، ڪا سياسي جماعت ٺاهي جيڪا واقعي به  سڀني مسئلن جو حل هجي.

¨ ڊاڪٽر ايوب شيخ برابر اڄ ان مقام تي رسي چڪو آهي جو هاڻي سندس زندگي کي ملهائڻ جو سلسلو شروع ٿيڻ گهرجي. زندگيءَ هن کي ڇا ڏنو ۽ هن زندگي کي ڇا ڏنو ان جو جائزو وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي.اميد آهي ته ايندڙ سال کان ڊاڪٽر ايوب شيخ جي سالگرهه تي وڏي پئماني تي پروگرام ڪيا ويندا جنهن جي ذاتي طور تي ڊاڪٽر ايوب شيخ کي ته ضرورت ناهي پر سنڌ کي وڌيڪ فائندو رسندو ۽ انهن پروگرامن ذريعي سنڌ جي جديد تاريخ جا آف دي ريڪارڊ پاسا آن دي ريڪارڊ ٿي ويندا.

¨ هي جيڏو عوامي، ملنسار، سچو، کرو، ڀوڳ چرچا ڪندڙ، سادو، بي باڪ ماڻهو آهي اوڏو ئي بيحد سنجيده ڳوڙهو، ڊگهي نظر رکندڙ، حساس طبيعت جو مالڪ آهي نه رڳو سچ منهن تي چئي ڏيندو آهي پر سچ ٻڌڻ جي به ڪمال جي همت اٿس.

¨  هن جي اندر ۾ پنهنجن جي غدارين،زيادتين ناانصافين ۽ ٻهروپن جا جيڪي داستان آهن ، سي ڪيئن برداشت ڪيون ويٺو آهي، تنهن کي ڏسندي حيرت ٿيندي آهي.

¨ پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته  هي جيڪڏهن ڀوڳ چرچا نه ڪري ته جيڪر ڦاٽي پوي، زنده نه رهي سگهي پر هن ڀوڳن چرچن کي پنهنجي طاقت بڻايو آهي تڏهن ئي زنده آهي نه ته جيڪر هڪ پل به جي نه سگهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.