صالح پٽ ويجهو ٻن ڌرين ۾ڪارنهن تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، مامو ڀاڻج مارجي ويا

صالح پٽ (رپورٽ:نياز مهر) صالح پٽ ويجهو مامن ڀاڻيجن ۾ڪارنهن تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، 2 ڄڻا مارجي ويا، جنوجي ٿاڻي جي حد گگڙو درگاهه همت شاهه لڳ سبحان ملاح پنهنجي مامي مشتاق ملاح کي پسٽل جا فائر ڪري موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته مشتاق ملاح جي وارثن جوابدار سبحان ملاح کي پڪڙي ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون هڻي کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو.پوليس زخمي سبحان ملاح  کي روهڙي اسپتال کڻائي وڃي رهي هئي ته هن رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.پوليس مارجي ويل مامي ڀاڻج جا لاش روهڙي تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا. واضح رهي ته ملاح برادري جي ٻن ڌرين وچ ڪارنهن تڪرار هلندڙ هو، جنهن جو جرڳو ڪري مشتاق ملاح واري ڌر مٿان 6 لک رپيا ڏنڊ به رکيو ويو، جيڪو ٽن قسطن ۾ ادا به ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.