ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهارا بند نه ٿيا، ٻوڏ جا منظر ساڳيا،جوهي ۾ ڌرڻو

جوهي (رپورٽ:اسماعيل پيرزادو) جوهي ۾ يوسي ڪمال خان جي ڳوٺ بهادر ٻٻر جي ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ تي پ پ ايم پي اي، ڊي سي دادو ۽ سماجي تنظيمن جي ايجنٽن خلاف اڪبر ٻٻر، انور ٻٻر، نصر الله ٻٻر، نياز لنڊ، ماجد ٻٻر ۽ سائين بخش ٻٻر جي اڳواڻي ۾ڪاڇو اسٽاپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي متاثرن ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو ته پ پ حڪمران ڊالرن جي لالچ ۾هٿ وٺي جوهي، ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ تعلقن کي ٻوڙائي هاڻي متاثرن مان هٿ ڪڍي ويا آھن. هنن چيو ته يوسي ڪمال خان کي پ پ جي چونڊيل نمائندن هٿ وٺي سياسي مخالفت جو رنگ ڏئي ايم اين وي ڊرين کي اولهه طرف ڊي سي جي نگراني ۾ وڏا ڪٽ ڏياري سوين ڳوٺ ٻوڙايا. هنن چيو ته يوسي ڪمال خان ۾ اڃا تائين ٻوڏ جا منظر ساڳيا آھن، هزارين رهواسي جنوريءَ جي سخت سردي ۾ ڇپرن ۽ منهن ۾ سخت سيءَ کي منهن ڏئي رهيا آھن پر افسوس ڊي سي دادو. پ پ جو ايم اين اي ۽ ايم پي اي متاثر کان تڪليف بابت پڇڻ به ناهن پهتا. هنن چيو ته ٻوڏ کي چار مهينن کان مٿي وقت گذري ويو،  اين جي اوز وارا سروي ڪرڻ لاءِ ڪميشن طلبي رهيا آھن نه ڏيڻ تان اسان جي  ٻوڏ متاثر ڳوٺ جي نالي تي پ پ جي جيالن جي لسٽ ۽ وڏيرن جا نالا لکي ڇڏيا آھن، جيڪا اصل متاثرن سان زيادتي آھي. هنن چيو  ته ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهارا چئن مهينن کان ٻڌجي ناهن سگهيا، ايتري سردي آھي جو معصوم ٻار مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. هنن چيو ته سياسي مخالفت جو جواز ڄاڻائي نظر انداز ڪيو پيو وڃي هنن چيو ٿه ڇا  اسان پاڪستاني ناهيون جو عوام ۾ فرق ڪيو ٿو وڃي؟ .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.