قمبر (رپورٽ:محمود شيخ) وارهه کان نڪتل ٻوڏ متاثرن جو پنڌ مارچ قمبر پهچي ويو.ٻوڏ متاثرن سيشن ڪورٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب لاڙڪاڻو روڊ تي ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.ان موقعي تي محمد صلاح چانڊيو، محمد رمضان چنو، محمد صديق مڱڻيجو، جاويد چانڊيو، فيروز ٻگهيو ۽ ٻين چيو ته قمبر ضلعي ۾ ٻوڏ سڀ کان وڌيڪ وارهه تعلقي ۾ تباهي آندي،افسوس وارهه جي تباهه ٿيل علائقي کي ورلڊ فوڊ پروگرام ۾ شامل نه ڪيو ويو ۽ من پسند علائقن جي سروي ڪري وارهه کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.هنن چيو ته وارهه شهر جي لطيف ڪالوني ۽ مٺا ڪالوني ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي جڏهن ته ٻوڏ سبب وارهه تعلقي ۾ زراعت تباهه ٿي وئي، هن وقت اسان وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، انتظاميا اڃا تائين ڪا به واهر نه ڪئي آهي نه ئي اسان جا علائقا ورلڊ فوڊ پروگرام ۾ شامل ڪيا ويا آهن.هوڏانهن ڊي سي سليم الله اوڍو ٻوڏ متاثرن سان ڳالهيون ڪري کين يقين ڏياريو ته اوهان جا جائز مطالبا پورا ڪيا ويندا.ڊِ سي جي خاطري بعد ٻوڏ متاثرن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.