سنڌ هاءِ ڪورٽ بحريا ٽائون ڄامشورو تي ڪم روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بحريا ٽائون پروجيڪٽ 2 ڄام شورو جو اسٽي آرڊ جاري ڪري ڇڏيو.ٻڌڻي دوران عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 17 جنوري مقرر ڪري ڇڏي.

اسٽي آرڊر ٿيڻ کان پوءِ جيستائين ڪو حتمي فيصلو نه ٿو اچي، تيستائين ڪنهن به قسم جي اڏاوت ۽بڪنگ ٿي نه ٿي سگهي.

درخواست گذار محمود اختر نقوي پنهنجي موقف ۾ چيو ته بحريا ٽائون 2 ڊسٽرڪٽ جامشورو ۾ آهي، انتظاميا ڪراچي 2 جي نالي تي اشتهار هلائي رهي آهي، جيڪو گمراهه ڪن آهي، هي زمين ٻيلي کاتي جي آهي، غريب ماڻهو قديمي دور کان آباد آهن، هنن جي زمينن تي قبضو ڪيو ويو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان جواب طلب ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.