
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) نان فائلرز جي 25 هزار رپين کان وڌيڪ ڪيش ڪڍرائڻ تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ايف بي آر طرفان جاري وضاحتي بيان ۾ 25 هزار کان وڌيڪ ڪيش ڪڍرائڻ تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس يا ان جي حد ۾ ڦيرڦار جي ترديد ڪئي وئي آهي. ايف بي آر موجب انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۾ سيڪشن اي 231 ۽ 231 اي اي ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿي، 50 هزار کان وڌيڪ ڪيش ڪڍرائڻ تي نان فائلر 0.6 سيڪڙو وڌ هولڊنگ ٽيڪس ادا ڪندو جڏهن ته نان فائلر تي 25 هزار کان وڌيڪ جي ڊيمانڊ ڊرافٽ بڻائڻ تي 0.6 سيڪڙو وڌ هولڊنگ ٽيڪس لاڳو هوندو. ايف بي آر جو چوڻ آهي ته فائلر لاءِ بينڪنگ ٽرانزيڪشن تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي ان لاءِ بينڪنگ سسٽم ۾ ٽرانزيڪشن تي وڌ هولڊنگ رڳو نان فائلر تي لاڳو هوندو.