ملتان ٽيسٽ: ابرار احمد جي جادوئي بالنگ، گورا 281 تي ڍير، پاڪستان جون 2 وڪيٽن تي 107 رنسون

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن انگلش ٽيم 281 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 107 رنسون ٺاهي ورتيون.

ملتان ۾ کيڏي ويندڙ ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو پر ڊيبيو ڪندڙ اسپنر ابرار احمد مهمان ٽيم لاءِ ڀوائتو خواب بڻجي ويو.

ابرار احمد جي جادوئي بالنگ اڳيان گورا بي وس ٿي ويا ۽ نوجوان اسپنر پهرئين سيشن ۾ ئي 5 وڪيٽون وٺي ويو.

ابرار اننگز ۾ مجموعي طور 7 شڪار ڪيا، هن زيڪ ڪراولي، بين ڊڪٽ، اولي پوپ، جو روٽ، هيري بروڪ، بين اسٽوڪس، ول جيڪس کي پويلين موٽايو، جڏهن ته زاهد محمود اولي روبنسن، جڪ ليچ ۽ جيمز اينڊرسن کي آئوٽ ڪيو.

مهمان ٽيم پهرين اننگز ۾ 281 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، بين ڊڪٽ 63، اولي پوپ 60، مارڪ ووڊ 36، ول جيڪس 31، ڪپتان اسٽوڪس 30، زيڪ ڪراولي 19 رنسون ٺاهيون، ٻيا ڊبل فگر ۾ به نه پهتا.

پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي پر 5 رنسن جي مجموعي اسڪور تي امام الحق کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته عبدالله شفيق 14 جي افرادي اسڪور تي وڪيٽ وڃائي ويٺو.

ان موقعي تي ڪپتان بابر اعظم ۽ سعود شڪيل ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو ۽ پاڪستان راند جي پڄاڻي تائين ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 107 رنسون ٺاهي ورتيون.

ڪپتان بابر اعظم 61 ۽ سعود شڪيل 32 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن، پاڪستان کي انگلينڊ جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 174 رنسن جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.