سٺي خبر، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل لاٿ سبب پاڪستان ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي.

پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب پيٽرول جي خريداري 76 کان 77 ڊالر في بيرل ڪئي پئي وڃي.

پيٽرول تي ليوي چارجز هن وقت 50 رپيا في ليٽر وصول ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته سموريون پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس اڃا تائين ٻڙي آهي، ملڪ ۾ هن وقت في ليٽر پيٽرول جي قيمت 224 رپيا 80 پئسا آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 30 رپين تائين لاٿ ٿي سگهي ٿي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي 15 ڊسمبر تي ٿيندي.

اختيارين موجب اوگرا 15 ڊسمبر تائين تيل خريداري جي ورڪنگ پيٽروليم ڊويزن کي موڪليندي، اوگرا ورڪنگ 15 ڊسمبر تائين تيل جي خريداري تي ٻڌل هوندي، اوگرا ورڪنگ تي حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي مشاورت سان ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.