ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ممتاز خان اسلام خاطر شوبز انڊسٽري کي الوداع ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن وقت اداڪار عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب ۾ موجود آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ممتاز خان جنهن جو اصل نالو نغما خان آهيم تازو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ ذريعي پنهنجي مداحن سان مخاطب ٿيندي لکيو ته ماڻهو کيس ماضيءَ ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جڏهن ته هوءَ اڳتي نڪري وئي آهي، هاڻي سڀ شيو ڦٽي ڪري ڇڏيون آهن ان لاءِ انهن جو ذڪر نه ڪيو وڃي.
View this post on Instagram
واضح رهي ته ممتاز خان تامل بگ باس جي چونڊ به آهي جڏهن ته هوءَ پنهنجي دور ۾ آئٽم گرل جي نالي سان ڄاتي سڃاتي ويندي آهي. هن سائوٿ انڊين سينيما ملائم، تامل، ڪناڊا ۽ هندي سينيما ۾ به اداڪار جا جوهر ڏيکاريا آهن. ممتاز پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1999 ۾ تامل فلم ”مونيشا ان موناليزا“ سان ڪئي. سندس مشهور فلمن ۾ بوند 2000، چاڪليٽ 2001، يه تيرا گهر يه ميرا گهر 2001 سميت ٻيون شامل آهن.
View this post on Instagram
رپورٽ موجب ممتاز وڏي عرصي کان شوبز انڊسٽري کان پري رهي آهي جڏهن ته هن وقت اداڪارا عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب ۾ موجود آهي ۽ سندس حجاب ۾ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.