ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
اڄ به انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو قدر 3 پئسا وڌيو، ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو قدر 224 رپيا 40 پئسا رهيو.
گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو قدر 224 رپيا 37 پئسا هو.
ڪاروباري هفتي ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 71 پئسا مهانگو ٿيو آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 232 رپين تي برقرار آهي.