سرچ جا نتيجا هاڻي مختلف هوندا، گوگل وڏي تبديلي آڻي ڇڏي

گوگل اعلان ڪيو آهي ته ڊيسڪ ٽاپ تي گوگل سرچ جا نتيجا هاڻي صفحن ۾ ورهائڻ بدران مسلسل اسڪرول طور لوڊ ٿيندا.

اها تبديلي موبائل استعمال ڪندڙن لاءِ گذريل سال آڪٽوبر ۾ متعارف ڪرائي وئي هئي، جيڪا هاڻي ڊيسڪ ٽاپ تي به متعارف ڪئي وئي آهي.

واهپيدارن کي وڌيڪ سرچ نتيجا ڏيکارڻ لاءِ See more بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان وڌيڪ نتيجا اسڪرول جي صورت ۾ لوڊ ڪيا ويندا.

گوگل جو چوڻ آهي ته اها تبديلي سڀ کان پهريان آمريڪا ۾ انگريزي ۾ سرچ ڪندڙ واهپيدارن لاءِ شروع ڪئي پئي وڃي ۽ اميد آهي ته جلد پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪرائي ويندي.

موبائيل تي فيچر جي مقبوليت کي ڏسندي، ٻين ٻولين کي وقت سان شامل ڪيو ويندو.

اها تبديلي نه رڳو گوگل تي سرچ ڪرڻ کي وڌيڪ سولو ۽ تيز بڻائيندي پر اهو ويب سائيٽن جي سرچ نتيجن جي پهرين صفحي تي هجڻ جي اهميت کي به گهٽائي ڇڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.