37 سيڪڙو پاڪستاني ملڪ ڇڏڻ جا خواهشمند: سروي رپورٽ

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس(پائيڊ) جي سروي مطابق تقريبن 37 سيڪڙو پاڪستانين کي جيڪڏهن  موقعو ملي ته اهي ٻاهرين ملڪ وڃي ويهي هن، شهري علائقن ۾ رهندڙ 40 سيڪڙو ماڻهن ۾ اها خواهش آهي، جڏهن ته ٻهراڙي جا 36 سيڪڙو ان خواهش جا اسير آهن،رپورٽ مطابق چئني صوبن ۾ ملڪ ڇڏڻ جي سڀ کان وڌيڪ خواهش بلوچستان جي رهواسين ۾ آهي، جتي 42 سيڪڙو ماڻهو پاڪستان مان وڃڻ چاهين ٿا، ان کانپوءِ خيبرپختونخوا ۽ سنڌ آهي، اها خواهش پنجاب ۾ سڀ کان گهٽ آهي، 35 سيڪڙو پنجابي ملڪ ڇڏڻ چاهين ٿا، پائيڊ مطابق پاڪستان جي انتظام هيٺ ٽن خطن ۾ ڪشمير جا ماڻهو ملڪ ڇڏڻ جي خواهشمندن ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني 44 سيڪڙو اهن ان کانپوءِ گلگت بلتستان جو نمبر اچي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.