جماعت اسلامي ڪراچي جي نئين ايڊمنسٽريٽر کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان پ پ ۽ ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم  چاهي ٿي پ پ جيڪا ڦرلٽ ڪري رهي آهي، ان ۾ پنهنجو به حصو ملائي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو اسان جو مطالبو آهي ته سياسي ايڊمنسٽريٽر کي فوري طور برطرف ڪيو وڃي، هڪ پارٽي جو ايڊمنسٽريٽر هٽائي ٻي پارٽي جو سياسي ايڊمنسٽريٽر لڳايو پيو وڃي. هن چيو ته مڪاني چونڊون روڪڻ جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، 2009 کان 2015 تائين مڪاني چونڊون نه ڪرايون ويون، ايم ڪيو ايم ان وقت پ پ جي اتحادي هئي. حافظ نعيم مطالبو ڪيو ته چونڊ واري ڏينهن فوج ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي، ڇو ته پ پ بدترين فسطائيت جو مظاهرو ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.