ٿرڪول جي نارا ڪئنال مان 500 ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ خلاف تحريڪ جو اعلان

ميرپورخاص (رپورٽ:صالح اوٺو)ٿرڪول جي مختلف پاور پلانٽ لاءِ سنڌ جي حصي مان نارا ڪئنال وسيلي 500 ڪيوسڪ تائين پاڻي کڻڻ ۽ پوڇڙين وارن علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿيڻ وارن خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ ميرپورخاص ڊويزن جي ساڃاھ وندن سرڪاري عوامي ويهڪ کي جڙتو ويهڪ قرار ڏيندي آبادگارن جو پاڻي ٿرڪول جي پاور پلانٽن کي ڏيڻ خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو آھي. ان حوالي سان سماجي اڳواڻن واجد لغاري، شير محمد سولنگي، ھيومن رائيٽس ايڪٽيوسٽ نور احمد ناريجو، خالد پرويز، آڪاش ھميراڻي ۽ اسلم ملاح ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسين ڪنهن به قومي منصوبي جي خلاف ناهيون ميرپورخاص ضلعو نارا ڪئنال جي پڇڙي۾ ھجڻ سبب اڳ ئي سوڪهڙي جو شڪار رهي ٿو ٿر ڪول پاور پلانٽ لاءِ پاڻي رڳو سنڌ ۽ ضلع جي حصي مان کڻڻ سان هتان جي زراعت ۽ عوام سخت متاثر ٿيندي ، ھنن چيو ته قومي مفادن جي نالي تي ھميشه سنڌ جي وسيلن جي ئي ڦرلٽ ڪئي ويندي آھي، پراجيڪٽ مان بجلي سڄي ملڪ لاءِ پيدا ڪئي پئي وڃي ۽ پاڻي رڳو سنڌ جي حصي جو کنيو پيو وڃي، حالانڪ پاور پلانٽ لاءِ اضافي گھربل پاڻي ارسا کان منظور ڪرايو وڃي ھا. ھنن چيو ته ٿر ڪول لاءِ جيترو پاڻي کنيو پيو وڃي، ان سان نارا ڪئنال جي ڪمانڊ ايريا ۾ 50 ھزار ايڪڙن جيتري پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيندي ھنن چيو ته ڊيم ڀرڻ لاءِ جيڪا پڪي شاخ ڪڍي وئي آھي، ان وسيلي به ھاڪڙي درياھ جي قدرتي لنگهھ جا رستا روڪيا ويا آھن ھنن چيو ته ان ڏس ۾ عالمي ادارن کي خط لکي سنڌ جي ماڻھن سان ٿيندڙ ويساھ گھاتين بابت آگاھ ڪرڻ سان گڏوگڏ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.