ملير ۾ ڦر مزاحمت تي لاڙڪاڻو واسي نوجوان قتل

لاڙڪاڻو (ڊ ر) ملير جي شاهه لطيف ٽائون واري علائقي  ۾ڦر مزاحمت تي هٿياربندن لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڪنگا واسي نوجوان صفدر ڪنگو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.ٻڌايو وڃي ٿو ته فيڪٽري مان ڪم بعد ڀينس ڪالوني واپسي دوران هٿياربندن پورهيت صفدر ڪنگو کان ڦر ڪوشش ڪئي، جنهن تي هن مزاحمت ڪئي، هٿياربند نوجوان کي فائرنگ جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا، گوليون لڳڻ سابب نوجوسان ٿڏي تي مارجي ويو. هوڏانهن مقتول نوجوان جو لاش لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني آندو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.ٻئي طرف مقتول نوجوان جو تڏو لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ڪنگا ۾ وڇايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.