اقرار الحسن ۽ پي ٽي آءِ يوٽيوبر جميل فاروقي ۾ زبردست تڪرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ کان 12 سال اڳ 2010 ۾ جميل فاروقي سان منهنجي پريهن ملاقات آرٽس ڪائونسل ڪراچي جيهڪ مشاعري ۾ ٿي، تڏهن جميل روڊ ڪناري جي نالي سان سرعام جهڙو هڪ پروگرام ڪندو هو.

هن ٻڌايو ته هو پنهنجي ڪيريئر لاءِ ڪراچي ۾ اڪيلو رهندو آهي، مان ڪراچي اچڻ کان اڳ دبئي ۾ فيملي کان پري ڏک ڏسي چڪو هيس سو مان ۽ منهنجي زال جميل کي پنهنجي گاڏي ۾پنهنجي گهر وٺي وياسين ڇو ته تڏهن جميل فاروقي وٽ پنهنجي سواري نه هئي.

اسان پنهنجي حيثيت موجب سندس ڀرپور خدمت ڪئي ته جيئن کيس لڳي ته ڪراچي ۾ سندس پنهنجي هڪ فيملي آهي ۽ دبئي جي زماني ۾ جيڪا اڪيلائپ مان محسوس ڪئي اها کيسمحسوس نه ٿئي.

ويندي ويندي جميل ٻڌايو ته کيس جلد ئي سندس ڏاڏي جي ملڪيت مان چار ارب يا شايد چار ڪروڙ ملڻ وارا آهن جنهن بعد اسان ان سان رابطو نه ڪيو ته ڪٿي کيس ائين نه لڳي ته اسان انهن چئن اربن ي چڪر ۾ ساڻس واسطو رکڻ چاهيون ٿا.

واقعي جي ڪجهه ڏينهن بعد ج ميل فاروقي جو پروگرام سڙڪ ڪناري بند ٿي ويو جڏهن ته اهي ئي سرعام جي مقبوليت جا شروعاتي ڏينهن هئا.

پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد مان ان جي فيس بڪ تي پروگرام سرعام ۽ منهنجي حوالي سان انتهائي اڻ وڻندڙ ۽ بي بنياد تنقيد ڏٺي،مون کي حيرت ٿي ته هي اهو ئي شخص آهي جنهن کي مان وڏو مان ڏنو ۽ خلوص سان پنهنجي گهر وٺي ويو هيس، پنهنجي فيملي جو حصو بڻايو هو ۽ سندس پروگرام ۽ ڪم جي تعريف ڪئي هئي.

ان کانپوءِ هن مختلف پليت فارمز تي ۽ مختلف موقعن تيم ون تي تنقيد جو ڪوموقعو نه ڇڏيو، سبب جو اندازو اوهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا.

خان صاحب سان سندس تصوير تي ٽوئيٽ ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته خان صاحب سان پرخلوص ماڻهو گڏ ٿيڻ گهرجن، باقي ممڪن آهي هنن 12 سالن ۾ جميل فاروقي جي شخصيت ۾ ڪا هاڪاري تبديلي آئي  هجي، تنهن هوندي 12 سال اڳ جيان مان کيس هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي گهر کاڌي جي دعوت ڏيان ٿو، منهنجي ٽوئيٽ جي ڪري جيڪڏهن سندس دل آزار ٿي هجي ته شايد گڏجي ان جو ازالو ٿي وڃي.

باقي عمران رياض خان صاحب جي حوالي سان به ذاتي تجربي ۽ لاڳاپين جي اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي آهي جيڪا اڄ ئي ڪنهن وقت شيئر ڪندس.

جميل فاروقي اقرار الحسن کي جواب ڏنو جنهن ۾ هن چيو ته

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.