شگر هن وقت دنيا ۾ عام بيماري بڻجي ويو آهي جنهن بابت هن وقت تائين اهو خيال ڪيو ويندو هو ته اهو مرض وچولي عمر ۽ وڏي عمر جي ماڻهن کي متاثر ڪرڻ جا خطرا وڌيڪ هوندا آهن.
پر هاڻي هڪ نئين تحقيق ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ ٽيهه سالن دوران چاليهه سالن کان گهٽ عمر واري ماڻهن ۾ ڊيابطيس ٽائيپ ٽو جي ڪيسن جي انگ ۾ وڏي پيماني تي واڌ ٿي آهي.
تحقيق ۾ ٻه سئو کان مٿي ملڪ جي ڊيٽا جو جائزو وٺڻ کانپوءِ اهو ڏٺو ويو ته ٽيهه سال کان گهٽ عمر جي عورتن سان گڏوگڏ غريب ۽ ٿوري آمدني واري ملڪن جا شهري شگر جا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن.
تحقيق موجب جسماني وزن ۾ واڌ سڄي دنيا ۾ ذيابطيس جو خطرو وڌائڻ وارو سڀ کان اهم سبب آهي.
ماهرن زور ڀريو آهي ته جسماني وزن کي گهٽائي ننڍي عمر ۾ شگر جي مرض کان بچي سگهجي ٿو.
شگر جي ڪري ٻين مسئلن جهڙوڪ دل جي بيمارين، اکين جي نور کان محرومي ۽ مرڻ جا خطرا به وڌي ويندا آهن.
جائزو ورتل ڊيٽا مان اشارو مليو ته چاليهه سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن ۾ ذيابطيس هجڻ هاڻي هڪ عام ڳالهه بڻجي وئي آهي پر ان حوالي سان ڪا به گڏيل تحقيق ناهي ڪئي وئي.
اهڙي مسئلي کي نظر ۾ رکندي ماهرن ٻه سئو چار ملڪ ۽ خطن ۾ اڻويهه سئو نوي کان ٻه هزار اڻويهه دورن پندرهن کان اڻيتاليهه سالن جي عمر جي ماڻهن ۾ ذيابطيس ٽائيپ ٽو جا نوان ڪيس، فوتگين ۽ ٻين مسئلن جو جائزو ورتو.
هنن عمر، جنس ۽ سماجي حيثيت سميت ان بيماري جو خطرو وڌائيندڙ سببن جو جائزو ورتو.
نتيجن مان خبر پئي آهي ته اڻويهه سئو نوي ۾ سڄي دنيا ۾ نوجوان ماڻهن ۾ شگر جي بيماري جي سطح هڪ لک مان هڪ سئو سترهن ماڻهن کي هئي جيڪا ٻه هزار اڻويهه ۾ هڪ سئو اڻانوي تائين پهتو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جسماني وزن سان گڏوگڏ هوائي گدلاڻ، سگريٽ پيئڻ ۽ غير معياري کاڌن جو استعمال شگر جا مرض وڌائڻ جو اهم سبب آهن.