هڪ المياتي تصويري خبر !

ٽيون ڏينهن عوامي آواز اخبار ۾ هڪ تصوير شايع ٿي آهي ۽ اها تصوير اڄ عالمي ميڊيا جو ڌيان ڇڪائي رهي آهي،جنهن جو ڌيان رکندڙ ذميوارن ڪو به نوٽيس نه ورتوآهي، جن کي اول آخر اها ذميواري سونپيل آهي، سنڌ ۾ ان تصوير ۽ خبر جو نوٽيس عدالت سڳوري ۽ چيف جسٽس سنڌ ورتو آهي، پر تر جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي ان سڀ کان ناواقف آهن، ايڪيهين صديءَ جي سنڌ ۾ حڪمرانن سنڌ کي ڇاڇا ترقي ڪرائي آهي، دنيا ان ترقي کي ان تصوير ۾ چڱيءَ طرح ڏسي رهي آهي جنهن تصوير ۾ ٻارڙا اٺ فٽ اونهي شاخ تان هڪ ڪاٺي رکيل پل تان گسڪي شاخ جي ٻئي طرف اسڪول وڃڻ جي جستجو ۾ لڳل آهن.

هيءَ تصوير پنهنجي معنيٰ ۽ مقصد سميت عالمي تصويرن جي نماءَ ۾ ڀل ڪو عالمي ايوارڊ نه ماڻي پر ايترو ضرور آهي ته سنڌ تي حڪمراني ڪندڙن جيڪا سنڌ کي ترقي ڏياري آهي ان جو نماءُ هيءَ تصوير ضرور اظهاري ٿي ۽ شديد نموني اهو محسوس ڪرائي ٿي ته هي ايڪهين صديءَ جي سنڌ آهي. اها سنڌ جيڪا عالم ۾ هڪ شاهوڪار خطو سمجهي ويندي هئي. اها اڄ ان صورتحال مان گذري رهي آ، جيڪا صورتحال اها تصوير ڏيکاري رهي آهي، اهڙيون ٻيون تصويرون پڻ ميڊيا جي زينت بڻبيون رهيون آهن جيڪي سنڌ مٿان حڪمراني ڪندڙن جي رهائشن وغيره جون ۽ سندن زندگيءَ ۽ رهڻ ڪرڻ جون آهن جيڪي جيڪي به هڪ خوشحالي ظاهر ڪري رهيون آهن جيڪا خوشحالي حڪمرانن جي ته ضرور آهي پر اها خوشحالي، سنڌ جي بنهه نه آهي،  سنڌ جي رهواسين جي به نه آهي جيڪڏهن حڪمران پنهنجي خانداني خوشحاليءَ کي سنڌ جي خوشحالي سمجهي رهيا آهن ۽ محسوس ڪرائي رهيا آهن اهڙن حڪمرانن لاءِ اردو شاعر مرزا غالب اڳ هڪ ساراهيندڙ شعر چئي ويو ان کان اڳ سنڌ جو عظيم شاعر شاهه لطيف پڻ چئي ويو آهي ته ” هيءُ منهن ڏيئي ٻن ….“

ڪيئن به هجي عوامي آواز اخبار ۾ شايع ٿيل اها خبر ۽ تصوير سنڌ جي سڄي ترقي واضح ڪري رهي آهي، جنهن جي اثر هيٺ ئي عالمي ميڊيا سنڌ توڙي ملڪي حڪمرانن جي ڪارگذاري جو اندازو لڳائڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ڪندي.

خبر تي نوٽيس وٺندي چيف جسٽس صاحب اهڙي ناانصافيءَ کي نظر انداز ڪندڙ انهن سڀني عملدارن توڙي اختيار رکندڙن کي ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اطلاع آهن ته تر جا نمئاندا پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ کان لاتعلق هجڻ سبب گم آهن، محسوس ڪري سگهبو ڄڻ اهڙو عمل سندن اختيارن کان الڳ هجي ۽ ميڊيا کانسواءِ کانئن ڪو به پڇڻ وارو نه هجي ۽ حڪومت ان گهڙيءَ جي انتظار ۾ هجي ته معصوم اسڪولي ٻارڙن سان ڪو حادثو پيش اچي ۽ اها هڪ همدرداڻو پريس بيان جاري ڪري ڇڏي.

ميڊيا ۾ اهڙي ئي هڪ ٻي خبر پل ٽٽڻ جي پڻ آهي، جيڪا ڪڪڙ ايم اين وي، ڊرين مٿان ٺهيل آهي، جيڪا پڻ ٽٽي پئي آهي جنهن سبب ڪڪڙ-جوهي، ڏانهن ماڻهن جي اچ وڃ بند ٿي وئي آهي پڪ سان پل ۾ استعمال ڪيل مٽيريل ناقص قسم جو آهي جنهن سبب اها پل ٽٽي آهي، سنڌ تي اهو رحم ٿيو آهي جو پل ٽٽڻ سبب ڪو جاني نقصان نه ٿيوآهي، جنهن ڪري حڪمرانن نوٽيس وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي ۽ نه پريس بيان جاري ڪري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پر اسين خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهيون ته پل ٽٽڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.

جيتوڻيڪ حڪمرانن ۽ انجي ذميوارن جي پت وائکي ڪرڻ لاءِ اهي ٻئي  واقعا اهڙا آهن جيڪي مثالي آهن ۽ دنيا کي ڏيکارڻ جهڙا آهن ته هيءَ ايڪيهين صديءَ جي سنڌ آهي. جنهن جي حڪمرانن جا ملڪ کان ٻاهر جڙيل محل ڪيئن آهن ۽ سنڌ جي حقيقي حالت ڪيئن آهي. جنهن حالت کي حڪمران ۽ انهن جا حواري سنڌ جي ترقي سڏي رهيا آهن.

بدين ۽ ڪڪڙ-جوهي، سنڌ جا علائقا آهن، جن جي ترقي هڪ طرح ته سنڌ ڪجهه مهينا اڳ ٻوڏن ۽ برساتن ۾ ڏسي چڪي آهي پر هيءَ تازي تصوير اهڙي آهي، جنهن جي حقيقي هجڻ تي شايد دنيا کي اعتبار نه ايندوهجي ۽ ممڪن آهي ته حڪمران ان کي غير حقيقي ڪوٺڻ واري ڪوشش ۾ به لڳا پيا هجن پر سچ اهڙا هوندا آهن جيڪي لڪي سگهڻ جهڙا نه هوندا آهن.

اسان هن ايڊيٽوريل معرفت چوڻ چاهيون ٿا ته سنڌ هڪ خوشحال ۽ پر امن خطو آهي، ان جي خوشحالي ۽ امن پسنديءَ کي ان جو ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. حڪمران هن ئي سنڌ ۽ اتان جي رهواسين بابت صرف تاريخ جا ڪجهه ورق ئي پڙهي وٺن پڪ سان هو يوسف ميرڪ کي نه وساري سگهندا ڇاڪاڻ ته جيتري سنڌ تي ڏاڍاين ڪرڻ جي تاريخ ڊگهي آهي  اوتري ئي سنڌ جي مزاحمت جي تاريخ پڻ  ڊگهي آهي. ان ڪري سنڌ جي رهواسين جي رڳو امن پسندي نه ڏٺي وڃي.

حڪمرانن کي گذارش آهي ته سنڌ کي هر طرح اهي مڙئي سهولتون ميسر ڪري ڏنيون وڃن جيڪي ڪنهن به وطن کي ايڪيهين صديءَ ۾ هجڻ گهرجي ايئن ڪري حڪمران نه رڳو هن وطن جو مان مٿانهون ڪندا پر پنهنجي سٺي حڪمرانيءَ طور به نالو ڳڻائيندا جيڪو اڄ جي تاريخ تائين نه ڳڻائي سگهيا آهن ۽ وري مڃائي سگهيا آهن.

ايترو ئي چوڻ ڪافي رهندو! ۽ جڏهن نتيجا سٺا نڪرندا ته يقينن سنڌ جي رهواسين پاران حڪمرانن لاءِ ڪي سٺا تعريفي اکر زبان مان نڪرندا ٿورو لکيو گهڻو سمجهڻ ئي هن لکڻ جو اصل مقصد آهي. ٻي طرح اڻ لکيو اهو سڀ ڪجهه هيءَ تصوير دنيا کي ڏيکاري رهي آهي، جيڪو ڏسڻ جهڙونه آهي. ماتم ڪرڻ جهڙو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.