حڪومت، صوبن جي تڪراري معاملن کي ڇڏي ٻوڏ متاثرن جي سار لهي

حميده گهانگهرو

سائنس جي ترقي ۽ دنيا کي کي گلوبل وليج بڻائڻ جي ڪوشش نه رڳو عالمي سياسي، سماجي ۽ مذهبي لاڳاپن تي هاڪاري اثر ڇڏيا آهن پر جديد ٽيڪنالاجي وسيلي علم ادب ۽ شعور سان سڄي دنيا جي ارتقائي مرحلن کي سمجهڻ سان گڏ انسانن جي قديم مان جديد ٿيڻ جا مرحلا فرش کان عرش تائين پهچڻ، پراڻن تصورن ۽ من گهڙت قصن ڪهاڻين جو انت آڻي تقريبن ڌرتي جي هر حصي جي ڄاڻ جيڪا ڌرتي جي ڪيترن حصن ۾ ورهايل آهي. جاگرافيائي حصن جي تحقيقات کانپوءِ انساني زندگيءَ تي پوندڙ اثرن جي معلومات ۽ ڄاڻ ڏيڻ جهڙوڪ پراڻين ڏندڪٿائن، جنن ۽ ڀوتن جي تصور آڏو انسان جي مهانتا سڀني دقيانوسي عملن کي پوئتي ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ان عمل جو نتيجو آهي. جڏهن هر انسان هڪ ٻئي سان ميل ميلاپ جا دائرا وسيع ڪري زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي، لاڳاپن ذريعي دنيا جي گول دائري ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڳانڍاپو جوڙيو آهي.

ڏسجي ته سڄي دنيا جي ترقي پسند ڌرين جو خاڪو هڪ ٻئي سان ميل ميلائپ ذريعي لاڳاپا وڌائڻ رهيو آهي، ته جيئن جديد کان جديد ترين ٽيڪنالاجي جي ذريعي زندگيءَ جي هر ڏکيائي کي سولو ڪري سگهجي.پر ان جي جاءِ تي ڪي رجعت پسند، مدي خارج خيالن جي ورچڙهيل ڪجهه شرپسند ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن ٻولي ته ڪڏهن فرقي پرستي جي اوٽ ۾ بيهي امن تي وار ڪندا رهندا ۽ ان جا سڌاسنوان اثر عوام جي معاشي حالتن کان وٺي سياسي، سماجي، مذهبي زندگيءَ کي متاثر ڪندا. ۽ اهڙو عمل صرف ۽ صرف تعليم ۽ شعور جي گهٽتائي هئڻ ڪري گهڻو ظاهر ٿيندو آ.

ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي تاريخ جا 75 سال ڄڻ اڄ به ڪنهن بي سمجهه ٻار جي ٻولن وانگر تبصرن، تجزين ۽ ديکا ديکي جي مقابلي ۾ ڄڻ وقت ٽارڻ جي برابر هجي، ذميداري جو احساس فرد جي دائري کان نڪري جڏهن سماج ۽ ملڪي سطح تي اچي ٿو ته ان وقت فرد جي سوچ اڪيلي نه پر سماجي هئڻ گهرجي  ڪاميابي جي وڪٽري ڏيکارڻ وقت به هڪ هٿ جون 3 آڱريون ٻن آڱرين کي مضبوطي سان فتح جو نشان ٺاهيندي ڏيکاري ويندي. انهيءَ مان ظاهر ٿيو ته ڪاميابيءَ جي پٺيان امن ۽ اتحاد جي شڊيد ضرورت هوندي آهي. دنيا جي ترقيءَ جو دارومدار به امن ۽ اتحاد تي جڙي سگهي ٿو.

1947ع جي ننڍي کنڊ کي انگريزن جي غلاميءَ مان آزاد ڪرائيندي عام ماڻهن جي ذهنن ۾ رڳو مسلمانن کي هندن کان عليحدگيءَ جو لاڙو پيدا ڪيو آهي. خود لڏپلاڻ ڪرڻ وارن کي به ذهن ۾ نه پيو اچي ته سوين سالن جي مسلمانن جي حڪمراني، صدين کان هندن ۽ مسلمانن جو گڏجي رهڻ کي آخر ڪهڙي قوت ٻنهي قومن کي ويڙهائڻ ۾ مشغول ٿي، هڪ وڏو خطي کي ٽڪر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. خير سگالي يا ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ، ننڍي کنڊ جي شهادت جون ٻه تاريخون 14 آگسٽ ۽ 15 آگسٽ ٻن ملڪن جي آزادي جا تهوار ماڻيندي ٻئي ملڪ خوب جشن ملهائيندا آهن.

هاڻي ڏسڻ اهو گهرجي ته ڇا واقعي آزاديءَ جي تصور غلامي مان نجات کي ثابت ڪيو. لڏپلاڻ ڪندڙن جا اڃان جدائيءَ جا زخم ئي ختم نه ٿيا ته وري دهشتگردي، قتل عام، بم ڌماڪن جا واقعا آزاد پاڪستان جي چئني صوبن جي خودمختياري ۾ ڏار پوڻ، دهشتگردي جا نوان نوان حربا صوبن جي ٻوليءَ تي نفرتن جا حملا، لڏپلاڻ جا متاثر مجاهد اهو چئي ته هندو ۽ مسلمان ننڍي کنڊ جون وڏيون قومون هڪ ٻئي سان رهڻ نه لڳيون پر سرحدن جا ليڪا ٺاهي خاردار تارن جو ڄار وڇائي اهي ئي هن آزاد مملڪت ۾ نفرتن ۽ تعصبن جو ڄار وڇائڻ ۾ ڪاميابيون ماڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا.

جڏهن ته سنڌ واحد خطو آهي جنهن هندستان کان لڏي آيلن لاءِ لوئي لڄ، ننگن جو ڀرم رکڻ لاءِ سڀني ريتن رواجن کي پوئتي ڪري کين نه رڳو ڀرپور تحفظ ڏنو پر پنهنجا گهر، اجها ۽ زمينون  ڏيئي کين خوداعتمادي ۽ پنهنجائپ جو رشتو محسوس ڪرايو، جڏهن ته ڪيترن مدبر سياستدانن جي اختلافن باوجود سنڌ جي عوام مڪمل تهذيبي ثقافتي ورثي جو مان مٿانهون ڪندي ٻاهران آيلن کي مان ڏنو.

ڪجهه سالن جي اڪير، محبت جا اثر اهڙا ظاهر ٿيا جو هنن پنهنجي لڪيل محرومي کي ظاهر ڪندي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين تي وار ڪرڻ شروع ڪيا ۽ عليحدگي پسنديءَ جون ڳالهيون شروع ٿي ويون. نه رڳو عليحدگي پر سياسي سماجي من گهڙت ڪهاڙيءَ جي وار سان سنڌ ڌرتيءَ جا ڳڀا ڪرڻ جون ڳالهيون شروع ٿي ويون نه رڳو عليحدگي پر سياسي،سماجي، من گهڙت ڪهاڙيءَ جي وارن سنڌ ڌرتي جي ٽڪر ڪرڻ جون ڳالهيون پڻ  شروع ٿيون. جڏهن ته ماضيءَ جي سڄي خونريزيءَ ۾ نقصان کانسواءِ ڪجهه نه ٿيو.مونکي هميشه ڪارل مارڪس جو اهو جملو ڏاڍو نصيحت جوڳو لڳندو آهي ته انسان، تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي ماضيءَ جي غلطين ۽ نقصانن مان سبق سکي. پر جذباتي ۽ اشتعال انگريزي جي سوچ ايترو ته وڌي جو نفرتن ۽ خودپسندي جي ڌٻڻ جي اونهائي ۾ تباهي کانسواءِ ڪجهه به نظر نٿو اچي. موجوده ٻوڏ واري وقت جي آفتن هر انسان کي نهوڙي ڇڏيو آهي. بي روزگاري، بک، بدحالي، معاشي بحران زرعي معيشت جي تباهي، ڊالر جي قيمت چوٽ چڙهڻ، پئٽرول مهانگو ۽ گئس بجلي جو بحران مطلب ته زندگي کي جيئارڻ جا سڀ ذريعا انساني بهتري جي عمل کان ڏور ٿيندا ٿا وڃن. اتي اهڙا افواهه ته صوبن جا نوان جا نقشا ٺاهي عوام جي رهيل ويساهه تي به وار ڪجي. رت جي راند ۾ سواءِ نقصان جي ڪجهه ناي ورندو. جڏهن ته خاص طور سنڌ ۾ ڪي اهڙا مرحلا به آيا ته ايندر نسل جا ڏاڏاڻا اردو ڳالهائيندڙ ته ناناڻا سنڌي يا وري ٻي ڪنهن ٻوليءَ جا يا وري ناناڻا اردو ته ڏاڏاڻا سنڌي رشتن جا، اهڙا ميل ميلاپ نفرتن جي زنجيرن کي ٽوڙي آزاد ۽ محبت ڀريو ماحول پيدا ڪري سگهن پيا پر ڪجهه ويڇا پيدا ڪندڙ قوتن تون تون، مين مين جو نفرتون اڀاري هميشه سنڌ کي انشتار جو شڪار بڻايو آهي. جڏهن ته سنڌ، سنڌ آ، سنڌ ۾ هر رهندڙ ماڻهو سنڌي آهي.

سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ وارن جو اخلاقي ۽ سياسي فرض آهي ته نون صوبن جي نفرت ڏياريندڙ بيانن ۽ لاڙن کان پاسو  ڪندي پنهنجي ذميواري پوري ڪري. ڇا هن وقت شديد ٻوڏ جهڙي برساتن کانپوءِ جيڪا صورتحال آهي انهيءَ ۾ اهڙيون سازشون ڪنهن به محبت وطن، ڌرتي ڌڻين کي چوندي زيب ڏين ٿيون. امن جي ڌرتي تي وار ڪري رت جون نديون وهائيندڙ سمجهن ته سنڌ جو عوام سنڌ جو سندور ڪري جيئن عورت وچن نڀائيندي آهي تيئن نراڙ تي محراب سمجهي سنڌ جا ڄاوا جيڪي ڌرتيءَ کي امڙ چون ٿا سي سنڌ امڙ کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ نه ڏيندا.

سنڌ کي ڳڀا ڀڳا ڪرڻ وارن کي خوابن جي دنيا مان نڪرڻو پوندو. وڏي واڪي طئي ٿيل آهي ته سنڌ ڪراچيءَ کان ڪشمور ۾ جيئن ماءُ پنهنجي ٻارکي ٻانهن ۾ کڻي سنڀاليندي آهي تيئن پاسي ۾ بيٺل ڪارونجهر، امڙ سنڌ جي ڀاڪر ۾ سڃاڻپ رکي ٿو. ڪنهن کي به اهو نه سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي نقشي ۾ ڪي ڌاريون لڪيرون ٺاهيون وينديون.

هن وقت سنڌ جو عوام زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کي حق سمجهندي حڪمرانن ڏانهن واجهائي رهيوآهي جيڪا سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها جيڪڏهن ٻوڏ جهڙي آفت کان عوام کي نه بچائي سگهيا ته سنڌ ۾ ٻوڏ جهڙي آفت وارين روين ۽ سياسي سماجي نفرتن کان کين بچائي عوام کي سک، سانت جو آسرو ڏين، زراعت جي آهي ، تعليم ته تباهه ٿي آهي پر صحت جا معيار به ختم آهن. تنهن ڪري ٻوڏ وگهي پيدا ٿيندڙ بيمارين  کي منهن ڏئي عوام کي اجها فراهم ڪيا وڃن. جيڪي هن مهل سنڌ جي نقشي جي لڪير ۾ بي ترتيب رهائش اختيار ڪيا ويٺا آهن. سنڌ جو عوام هن وقت خانه بدوشي واري زندگي گذاري ٿو. هن کي پنهنجا اباڻا اجها ٺهرائي ڏيڻ حڪمرانن جي ذميواري آهي. نڪي نون صوبن جون لڪيرون ٺاهي انتشار پکيڙيندڙن جي بي بنياد نعرن ۽ فيصلن تي ڌياڻ ڏيڻ جي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.