ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ياد ۾

رضوان گل

ڪي انسان پنهنجي سوچ، فڪر ۽ عمل سان تاريخ جا رخ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن، اهڙا ماڻهو پنهنجي اندر اهڙا ادارا هجن ٿا جتان ڪيترائي طالب علم پنهنجي شعور جون شمعون جلائي سموري جڳ کي علم ۽ آگهيءَ جي روشي ارپين ٿا. تمام وڏا فلسفي، دانشور ۽ سياسي ليڊر پنهنجي مفادن خاطر سماجي ڀلائي وارين سرگرمين تان هٿ کڻي پنهنجيون وفاداريون مَٽائي آرامده زندگيءَ جي نئين دنيا ۾ پهچي ويندا آهن، جتان کين وڏي کان وڏو ظلم ۽ زيادتي به ڪو تماشو ڀاسندي آهي ۽ هونئن به اهڙن مفاد پرستن لاءِ ٻين ماڻهن جو ڏک تماشو ئي هوندو آهي!

زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ڪيترائي نظرياتي ماڻهو به هٿيار ڦٽا ڪري پنهنجا دڳ بدلائي وٺندا آهن، پر هڪ اهڙو شخص جيڪو خود گهمندڙ ڦرندڙ تاريخ هو سو آخري وقت تائين پنهنجي فڪر ۽ نظريي سان ڪميٽيڊ آهي ۽ اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ قابلِ عزت ۽ سنڌ لاءِ باعثِ فخر آهي. اهو شخص ننڍي کنڊ جو مهَان ڏاهو ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي، جنهن پنهنجي جوانيءَ جا خوبصورت ڏينهن ۽ راتيون بي لوث ٿي خدمت ڪندي، جدوجهد ۾ گذاري نئين تاريخ رقم ڪئي، هن حق جو نعرو سرِ بازار بلند ڪرڻ کان نه ڪيٻايو، وقت جي آقائن سان اکيون اکين ۾ ملائي سچ چئي ڏيڻ جي سزا طور جيل جون اذيتون برداشت ڪيون، ڪنهن جي به پرواهه ڪئي بغير هن روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر جي ڦهلاءَ لاءِ جاکوڙيو، سياسي تحريڪن جي سرواڻي ڪري ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا.

سوڀوگيانچنداڻي ولد ٽنورمل گيانچنداڻي 31 مئي 1920ع تي تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ ٻنڊي ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڀر واري ڳوٺ بگي مان حاصل ڪئي، ۽ سن 1937ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان انٽر آرٽس ۽ شانتي نڪيتن ڪلڪتي يونيورسٽي مان بي اي ڪيائين. شانتي نڪيتن، رابندر ناٿ ٽئگور جي والد ديوبندر ناٿ جي قائم ڪيل هئي، جتي ڪامريڊ راڳ ۽ ساز جي سکيا وٺڻ ويو، پر هي جڏهن اتان واپس وريو ته انقلابي ٿي آيو. ان بعد ڪامريڊ ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪري وڪالت جو شعبو اختيار ڪيو. ڪامريڊ هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ انهيءَ حوالي سان ئي سندس پهرئين گرفتاري سن 1942ع ۾ ٿي، جنهن کان پوءِ هو نظربند به رهيو ۽ گرفتاريون به ڏيندو رهيو. اهي گرفتاريون هن قومي مفادن خاطر ڏنيون، نه ڪي ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ.

ڪامريڊ پهرين ڪهاڻي ”اڍائي رپيا“ 1938ع ۾ لکي، جيڪا ماهوار ”سنسار سماچار“ ۾ ڇپي. جڏهن ته زندگيءَ جو پهريون مضمون 1936ع ۾ ٽئگور ۽ سوامي تيرٿ جي حوالي سان لکيائين، جيڪو اين جي وي هاءِ اسڪول جي مئگزين ۾ ڇپيو. سندس پهريون ڊرامو ”نيپولين انسينٽ هيلين“ آهي، جيڪو پڻ 1938ع ۾ سنسار سماچار ۾ ڇپيو. ڪامريڊ جي شايع ٿيل ڪتابن ۾، (1) ڪڏهن بهار ايندو (ڪهاڻيون) (2) تاريخ جا وساريل ورق (ڪالم) (3) تاريخ ڳالهائي ٿي (4) وڏي وٿ هئام (ڪالم)، (5) تاريخ بولتي هي (اردو ۾) (6) انقلابي ڪي موت (اردو ۾) (7) سنڌ ڪي انقلابي رهنما  (اردو ۾) شامل آهن. جڏهن ته اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا (2) سنڌ ايڪويهين صديءَ جي ڏاڪي تي (3) انٽرويز (4) تقريرون (5) خاڪا ۽ مضمون شامل آهن.

ڪامريڊ جي شخصيت جو تمام وڏو حوالو هڪ انقلابي اڳواڻ وارو آهي. انهيءَ حوالي سان سندس سياسي وابستگيون جن پارٽين سان رهيون انهن ۾، ڪانگريس، سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽي، شاگرد، مزدور ۽ هاري تحريڪ به شامل آهي. سندس وابستگين جو اهم ڪارج مظلوم انسانيت کي ظلم ۽ ظالمن کان آجپو ڏيارڻ هو ۽ انهيءَ لاءِ ڪامريڊ کي ڪيترائي ڀيرا جيل به وڃڻو پيو. پهريون ڀيرو 25 جنوريءَ 1942ع کان جولاءِ 1944ع تائين ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جيل ۾ رهيو. ٻيو ڀيرو 21 فيبروري 1946ع ۾ گرفتار ٿي هفتي کان پوءِ ضمانت تي آزاد ٿيو. بعد ۾ حڪومت مٿس مڙهيل سڀ ڪيس واپس ورتا. انهن ڪيسن ۾ بغاوت کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ ڄاڻايل هئا. ٽيون ڀيرو 1948ع ۾ پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ 17 اپريل 1948ع کان 1952ع تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهيو. چوٿون ڀيرو 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي پاڪستان ۾ پابندي پوڻ سبب 12 جولاءِ کان مارچ 1956ع تائين حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ رهيو، ۽ ٽي مهينا ڳوٺ ٻنڊي ۾ نظربند رهيو. پنجون ڀيرو آڪٽوبر 1959ع کان جُون 1960ع تائين حيدرآباد چار مهينا، شاهي قلعو لاهور ٻه مهينا ۽ ٻه مهينا لاهور سينٽرل جيل ۾ رهيو، جتان لاهور هاءِ ڪورٽ کيس، سوڀو گيانچنداڻي ورسز گورنمينٽ آف پاڪستان ڪيس مان آزاد ڪيو. اتان جڏهن واپس ڳوٺ پهتو ته ٻيهر کيس پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ نظربند ڪيو ويو. ڇهون ڀيرو سيپٽمبر 1965ع کان جنوري 1966ع تائين سکر سينٽرل جيل ۾ ٽي مهينا انڊيا ۽ پاڪستان جي جنگ دوران قيد رهيو. جتي ٻين کان علاوه شيخ اياز به سندس ساٿ ۾ هو. ڪامريڊ جيترا ڀيرا به جيل ويو، مٿس ڪوبه ڏوهه ثابت ٿي نه سگهيو.

ڪامريڊ سوڀو ادبي حوالي سان 1957ع کان هيل تائين سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل رهيو ، ادبي ۽ سياسي حوالي سان سندس دوستن جو تمام وڏو حلقو سنڌ ۽ هند کان علاوه پوري دنيا ۾ ڦهليل هو جن ۾ رابندر ناٿ ٽئگور، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، حسن ناصر، فيض احمد فيض، حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، شيخ اياز، ڪرشن کٽواڻي، ابراهيم جويو، غلام رباني، انور پيرزادو، هدايت منگي، تاج بلوچ، محمد علي پٺاڻ، انور ابڙو، جمال ابڙو، اياز قادري، علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي، حميد سنڌي، منٺار سولنگي، ڊاڪٽر گل، عنايت ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترا ئي شاعر، اديب، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ جن مان ڪامريڊ پنهنجي زندگيءَ ۾ بي حد متاثر ٿيو، انهن ۾ مارڪس، اينگلس، لينن، گانڌي، جواهر لعل نهرو، سڀاش ڀوس، سوميندر ناٿ ٺاڪر، پنا لعل داس گپتا، يوسف مهر علي، مولانا ڀاشاني، مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي، ڪاسترو ۽ ٻين ڪيترن جا نالا شامل آهن.

ڪامريڊ ڪيترن ئي موضوعن تي مضمون لکيا جيڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ وقت بو وقت شايع ٿيندا رهيا. هن سياسي، سماجي ۽ ادبي موضوعن تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڃي ليڪچر پڻ ڏنا ، جيڪي سندس سموري سياسي ۽ ادبي سفر جي تجربن جو نچوڙ آهن. پاڻ سنڌيءَ کان علاوه اردو ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ لکندو رهيو. شانتي نڪيتن مان تعليم پرائيندڙ ۽ ٽئگور جي هن مداح جديد سنڌي ادب ۾ ترقي پسندي ۽ روشن خيالي وارو فڪر پنهنجي هم عصر اديبن ۽ شاعرن سان گڏجي ايترو ته اثرائتي انداز ۾ ڦهلايو، جو ماڻهن جو ذهنن جون کڙڪيون کلي ويون. ڪنهن ڏاهي چيو هو ته: ”ڪنهن خطيب جي ڳالهه جو اثر ملڪ جي بادشاهه جي حڪم کان وڌيڪ اثرائتو هوندو آهي“ ۽ اهڙو ئي اثرائتو انداز ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو پڻ رهيو  ۽  جنهن ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي. رابندر ناٿ ٽئگور کيس ”مئن فراهم مهين جو دڙو“ جو خطاب ڏنو ۽ هو ۽ ان ڏينهن کان اڄ سوڌو سڄي دنيا کيس ان خطاب سان ئي سڏي ۽ سڄاڻي ٿي. انهيءَ عنوان تحت انور ڏنگڙائي ڪامريڊ تي ڪتاب پڻ لکيو جنهن جو نالو ” مهين جو ماڻهو“ رکيو. ان کان علاوه ٻيا ڪتاب پڻ ڪامريڊ جي فن ۽ شخصيت تي پڌرا ٿيل آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ”پاڪستاني ادب ڪي معمار“ جي ڪڙيءَ تحت اڪيڊمي ادبيات پاڪستان پاران اردو اديب مظهر جميل ڪامريڊ جي شخصيت بابت ڪتاب ”سوڀو گيانچنداڻي  – شخصيت اور فن“ لکيو آهي. ڪامريڊ جي سيني ۾ تاريخ جا ڪيترائي ورق محفوظ آهن جن کي ناليواري ڏاهي انور پيرزادي ”عوامي آواز“ ۾ ”تاريخ جا وساريل ورق“ ۽ ”تاريخ ڳالهائي ٿي“ جي سري هيٺ نامياري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محمد علي پٺاڻ جي توَسط سان ڪامريڊ کان بيان ڪرايا، جن کي لکت جي صورت ۾ ڪالم طور شايع ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ڪتابي صورت ڏني وئي.

ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ اڄوڪي تاريخ تي سال 2014 تي لاڙڪاڻي ۾ ديهانت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.