گيٽ نمبر چار ۽ پاڪستان جي معاشي صورتحال

سڪندر چنو

پاڪ فوج جي جنرل هيڊ ڪوارٽر يعني GHQ ۾ هونئن ته ڪيترائي دروازا آهن پر گيٽ نمبر چار جي پنهنجي هڪ الڳ حيثيت آهي. ۽ ان گيٽ جي ڄاڻ سڃاڻ ملڪ جي سياسي اٿل پٿل ۾ اهم ۽ ڪليدي ڪردار سمجهيو وڃي ٿو. جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر چار ملڪ جي 70 سالن واري عمر ۾ وڏا وڏا سياسي تجربا ڪيا آهن. پر تجربا اهڙا ڪامياب به نه رهيا آهن جنهن کي ساراهي سگهجي. جڏهن گيٽ نمبر چار سياسي تجربن ۾ ناڪام ثابت ٿيو آهي ته هرو ڀرو پاڻ کي خساري ۾ ڇو پيو وجهي؟ ۽ سندس کي گهاٽو پاڻ سمجهون ٿا ته ملڪ برداشت ڪرڻ جي سگهه وڃائي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ اڳئي شديد مالي خساري ۾ هلي رهيو آهي ايترو به هاڻي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته پاڪستان ڏيوالي ٿيڻ جي بلڪل به ويجهو اچي پهتو آهي. پاڪستان جو عوام ٻوڏ کان پوءِ شديد مالي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي. غربت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. کاڌ خوراڪ جي کوٽ اچي منهن ڪڍيو آهي. سياسي ويڙهه ۽ ڪرپشن سبب ادارا مفلوج ۽ تباهه ٿي ويا آهن. اڳوڻي آرمي چيف ملڪ جي بهتري لاءِ به ڪافي تجربا ته ڪيا پر اهي به ملڪ کي معاشي طور پاڻ ڀرو ڪرڻ ۾ ڪو خاص فائدو ڏئي نه سگهيا. هن وقت پاڪستاني عوام جو مطالبو ۽ خواهش آهي ته جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر چار هاڻي سياست لاءِ ۽ سياستدانن جي اچ وڃ لاءِ بند ٿيڻ گهرجي. ان جي بند ٿيڻ سان ملڪ معاشي طور بهتر دڳ تي هلي پوندو ۽ پاڪستان ٻين ملڪن کان پنڻ به بند ڪري سگهي ٿو ۽ ملڪ ۾ سياسي استحڪام به اچي سگهي ٿو. هن وقت آرمي چيف سيد عاصم منير لاءِ کوڙ سارا چيلينج آهن. هڪ ته گم شدگين جو اهم اشوز آهن. بحرالحال هن وقت جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر چار جي افاديت جيڪڏهن ڏٺي وڃي ته سويلن سياستدان جڏهن به ناڪام ٿيندا آهن يا ٿيا آهن ته انهن گيٽ نمبر چار جو سهارو وٺي اقتدار ۾ ايندا رهيا آهن. ان سان ملڪ کي سياسي توڙي معاشي نقصان الائجي ڪيترو ٿيندو رهيو آهي. بهرحال حافظ عاصم منير لاءِ وڏو چيلينج پاڪ فوج جي ساک کي بحال ڪرڻو آهي. ان لاءِ عام ماڻهوءَ  جي زبان تي هڪ ئي ڳالهه آهي ته سياستدانن لاءِ پاڪ فوج جي جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر چار بند ڪرڻي پوندي. پاڪ فوج کي ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي اداري کي سياست يا سياسي جوڙ توڙ کان پري رکڻو پوندو. ۽ ان جي ملڪ کي اشد ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته گذريل دورن ۾ ملٽري اسٽبلشمينٽ جا سڌي يا ان سڌي طرح مداخلتون هميشه ناڪام ڏسڻ ۾ آيون آهن ۽ ان جي ڪري پاڪستان جي صورتحال هميشه خراب کان خراب رهي آهي. خاص ڪري معاشي صورتحال. اسٽيبلشمينٽ مختلف سياسي پروجيڪٽ به شروع ڪيا انهن ۾ 2018 واري اليڪشن به آهي پر اهو پروجيڪٽ ڪو ڪامياب به ويو آهي؟ 2018 جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ وري به فوج مٿان گند اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي. اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجواه پنهنجي غلطين جو اعتراف ته ڪيو آهي پر هاڻي انهن جو ازالو به ٿيڻ گهرجي.

سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته جنرل باجواه جي ان اعلان ته هاڻي فوج سياسي جوڙ توڙ کان پاسيرو رهندي ۾ ڪيتري صداقت آهي؟ ڇاڪاڻ ته ان جي لفظن ۾ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ خاص طاقت نه رهي آهي. جيڪڏهن عاصم منير سياسي جوڙ توڙ لاءِ سياستدانن کي هٿي بخشيندڙ جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر چار بند ڪري ٿو ته اها هڪ سٺي ڳالهه هوندي پر ائين ٿيندي پري پري تائين نظر ڪونه ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدان هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ مظلوم آهن. اسٽيبلشمينٽ جڏهن پاڻ کي اڪيلي محسوس ڪندي آهي ته دل وندرائڻ لاءِ اها ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽي جي پٺي ٺپي وٺندي آهي.

هن وقت آرمي چيف عاصم منير جي ملازمت جو مدو ٽي سال آهي ۽ ان عرصي ۾ کيس وڏا چيلينج به آهن ته موقعا به ته گيٽ نمبر چار جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ تي سختيءَ سان عمل ڪرائي. ملڪ جي بگڙيل معاشي توڙي سياسي صورتحال کي هڪ ڏينهن ختم نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته آرمي چيف وٽ ڪا جادوءَ جي لٺ ناهي. پر پوءِ به آرمي چيف جو ڪردار اهم ضرور آهي ۽ ادارن کي ٺيڪ ڪري سگهي ٿو.هن وقت پاڪستان جي ادارن ۾ ڪرپشن پنهنجا چنبا ڄمائي ڇڏيا آهن. تازو ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز پاران نيشنل هائي وي جي ترقياتي فنڊن ۾ 6 اربن روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي ۽ اها ڪرپشن پڪڙي وئي آهي جنهن ۾ ڊي سي مٽياري سڳ سوڌو پڪڙيل آهي ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز دبئي فرار ٿيل آهي. جڏهن اهڙا آفيسر سري عام ڪرپشن ڪندا ته پوءِ باقي ادارن ۾ ويٺل ننڍا آفيسر ڇا ڪندا هوندا. پاڪستان ۾ فوجي اسٽيبلشمينٽ هميشه طاقتور رهي آهي جيڪا ملڪ لاءِ هڪ بهتر ڳالهه آهي. پاڪستان گذريل 70 سالن ۾ ڪابه ترقي نه ڪئي آهي. ها هڪ ترقي ضرور ڪئي آهي ته ٻين ملڪن کان پنڻ جو سائنسي طريقو ضرور ڳولي ورتو آهي. انسان جي زندگيءَ جو سمورو سفر خساري ۾ آهي. قرآن ڪريم جي صورة العصر ڏسي. وٺو هيءَ آيت اسان کي زندگي جي سفر جون سڀ خصوصيتون ٻڌائي ٿي. ۽ اميدون به ڏيکاري ٿي. ارب کربن جي حاصلات کان پوءِ به انسان کي ٻه گز زمين ئي ملي ٿي وڌيڪ نه. بحرالحال پاڪستان هن وقت معاشي طور وڏي گهوٽالي جو شڪار ٿيڻ وڃي رهيو آهي.

تازو پاڪستاني وفد جنهن جي اڳواڻي مملڪتي وزير پيٽروليم ۽ گئس مصدق ملڪ ڪري رهيو هيو روس جي دوري کان مايوس ٿي واپس ٿيو آهي. پاڪستان روس کان سستو پيٽرول ۽ گئس خريدڻ چاهي پيو. هن وقت آمريڪا ۽ روس جا تعلقات انتهائي خراب آهن. ۽ يوڪرين جي جنگ کان پوءِ آمريڪا جا روس سان اڃان به ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا ٿي چڪا آهن پاڪستان آمريڪا جي بلاڪ ۾ آهي. پاڪستان جڏهن روس سان تيل بابت معاهدو ڪرڻ وڃي رهيو هيو ان وقت به پاڪستان آمريڪا کان اجازت وٺي روس روانو ٿيو جنهن تي روس پاڪستان مٿان سخت ناراض ٿيو. روس چاهي پيو ته پاڪستان آمريڪا پڇڻ بنا اچي ها. هن وقت روس ۽ چين هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن ممڪن آ چين به روس جي پٺي ٺپي هجي ته پاڪستان مٿان هٿ گهمائڻو آهي باقي معاهدو ناهي ڪرڻو. بهرحال پاڪستان کي روس مان ڪابه اميد باقي نه رهي آهي. ۽ پاڪستان هن وقت وڏي معاشي گهوٽالي جو شڪار ٿيڻ وڃي رهيو آهي. پاڪستان جي 70 سالن جو سفر صرف نقصان جو رهيو آهي. سياسي مداخلت پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اڄ به هڪ سپاهي ۽ استاد جي اڪائونٽن ۾ ڪروڙين روپيا گمنام طور منتقل ٿي رهيا آهن. پاڪستان وٽ ڪوريا کان به گهڻو اڳتي نڪري وڃڻ جي سگهه ۽ طاقت هئي. هڪ تازي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو ٻارڙا انتهائي غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبرو آهن. ۽ اهي ٻارڙا شادي هالن، هوٽلن وٽ قطارون ٺاهي ويٺل هجن ٿا. ۽ کاڌو ٻاهر اڇلائيندڙن ڏانهن هنن ٻارڙن جون نظرون هجن ٿيون. اهي ٻارڙا اسڪول ڪونه ٿا وڃن. پاڪستان جي تاريخ جون صرف ٻه سٽون منهنجي نظر مان گذريون آهن. هڪ پاڪستان جي اشرافيه وڏين وڏين محلاتن جي مخلوق آهي. ٻيو عوام گند جي دٻي جو ايٽم آهي.

تاريخ تي ٿوري نظر وجهنداسين ته اشرافيه جو اقتدار اعليٰ جنرل ايوب خان شروع ڪيو. مشرف ان کي بنلدين تائين پهچايو. ۽ عمران خان ان کي عروج واري چوٽيءَ تائين پهچايو. هن وقت پاڪستان جو سياسي سفر ان واعدي سان شروع ڪيو ويو آهي ته هاڻي گيٽ نمبر چار ڪابه مداخلت نه ڪندي. بحرالحال هن وقت پاڪستان معاشي توڙي سياسي وڏي کڏي ۾ ۾ ڪريل نظر اچي ٿو. آرمي چيف عاصم منير جيڪڏهن عمران خان اسيمبليون ٽوڙي ٿو ته پوءِ حڪومت لاءِ ننڍيون چونڊيون ڪرائڻ به تمام مشڪل هوندو. ڇاڪاڻ ته 2023 واري چونڊ ڪا پري ناهي. ٻنهي چونڊن تي حڪومت خرچ برداشت نه ٿي ڪري سگهي. تنهن ڪري ڪجهه مهينا حڪومت لاءِ تمام اهم آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.