اڊڙيل سوشل فيبرڪ کي تعليم جي ڌاڳي سان سبڻو پوندو

نثار ٻانڀڻ

اسانجي اڳيان هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ  پائيدار حڪمت عملي جوڙي ڪم ڪرڻو پوندو، موجوده دور جي جديد ڄاڻ جي بنياد تي عالمي معيشت ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ  اهو ضروري آهي ته اسانجي ٻارن کي انتهائي مضبوط علمي صلاحيتن جا مالڪ بڻجن، انهن کي پڙهڻ، لکڻ، ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي بنيادي صلاحيتن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي تنقيدي انداز ۾ سوچيندڙ بڻجن، ڄاڻ ۽ معلومات کي ذهانت سان استعمال ڪن. اهو ضروري آهي ته اسانجا ٻار مختلف قسم جي مطالعي جي مواد کي سمجهڻ ۽ واضح ۽ مؤثر انداز سان لکڻ جي قابل هجن، انهن کي فيصلا ڪرڻ ۽ نون علمن کي تخليق ڪرڻ لاءِ  معلومات گڏ ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي، ڇو ته هن معاشري ۾ انهن کي پيچيده مسئلن تي تنقيدي سوچ جي ضرورت پوندي، اِهي اُهي سنجيدگي واريون صلاحيتون آهن جيڪي اسانجي ٻار کي دنيا ڳولهڻ ۽ وقت سان گڏ هلڻ، سوال پڇڻ ۽ جواب ڳولهڻ ۽ سينواريل معاشري مان جند آجي ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهن ٿيون.

انهن مڙني صلاحيتن جي لاءِ  خواندگيءَ جو رستو وٺي هلڻ ئي بهتر حاصلات ثابت ٿيندو، خواندگي سندن زندگيءَ جي مڪمل ڄاڻ ۽ سندن مستقبل جو گيٽ وي آهي، خواندگي صرف اسڪول تائين محدود ناهي؛ پر اها ڪٿان به سکي سگهجي ٿي، روڊن تي لڳل نشانين، شهرن جي نالن ۽ کاڌ خوراڪ جي دٻن تي لکيل معلومات مان ۽ مادري ٻولي ۾ لوڪ ڪهاڻيون ٻڌڻ ۽ انٽرنيٽ جي استعمال ڪرڻ سان به خواندگيءَ ۾ اضافو ٿيندو آهي، تحقيق ٻڌائي ٿي ته والدين جو اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ٻارن جي سکڻ جي خواهش تي مضبوط اثر رهندو آهي، پڙهڻ، لکڻ، ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ ۾ هر سال واڌارو ۽ تبديلي ايندي آهي، مثبت خانداني اثر جي اهميت ٻارن جي ابتدائي، ثانوي ۽ هاءِ اسڪول جي مرحلن دوران جاري رهي ٿي، ان پهلوءَ کي والدين پاران سمجهڻ جي پڻ ضرورت آهي.

اها حقيقت آهي ته تعليم سماج ۽ رياست جي انفرادي ۽ اجتماعي ترقيءَ لاءِ  سڀ کان اهم معيار هجي ٿو، پرائمري تعليم ئي اهو بنياد آهي جنهن تي انساني ترقيءَ جو سمورو ڍانچو  بيٺل آهي، اهو ٻارن کي نئين دنيا ۾ بنيادي بصيرت فراهم ڪري ٿو ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ   انهن کي ضروري اوزار مهيا ڪري ٿو. بدقسمتي سان اسان وٽ بنيادي تعليمي نظام جي حالت انتهائي خراب آهي، اسانجو تعليمي نظام هن وقت ڪافي ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي ۽ بهتر تعليمي نتيجا ڏيڻ کان ڪنهن حد تائين قاصر آهي، مختلف اسڪولي سسٽم ۾ ٻارن کي ڏني ويندڙ تعليم جي معيار ۽ فراهمي ۾ تمام گهڻو فرق  رکيو ويو آهي، جنهن سبب شاگرد هڪ جهڙي تعليم حاصل ڪرڻ کان قاصر آهن ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ تفاوت جو شڪار آهن، چيو وڃي ٿو ته ڪنهن به سماج جي ترقي جو دارومدار تعليم جي معيار تي هوندو آهي، جيڪڏهن توهان ڪنهن به ملڪ جو مستقبل ڏسڻ چاهيو ٿا ته توهانکي ان ملڪ جي تعليمي نظام کي ڏسڻو پوندو.

دنيا ۾ هن وقت تعليم جي معيار کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي، دنيا جا سڌريل ملڪ به پنهنجي تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن، استادن کي ان سلسلي ۾ چڱي تربيت ۽ سکيا ڏني ويندي آهي، جيڪڏهن شاگردن کي قوم جو مستقبل بڻائڻو آهي ته استادن جي تربيت ۽ سکيا تمام ضروري هجي ٿي ته جيئن اهي قوم جي مستقبل جي معمارن جي بهترين تربيت ڪري سگهن، سڌريل ملڪن ۾استادن جي مختلف تربيتي پروگرام ۽ ڪئمپون منعقد ڪيون وينديون آهن ته جيئن انهن کي بهترين طريقي سان سکيا ڏني وڃي. اسان وٽ تعليم جي زوال جا بنيادي سبب تربيتن جو نه ٿيڻ، ڪمزور حڪمت عمليون جوڙي ان تي عمل پيرا ٿيڻ، بيجا مقرريون ڪرڻ، سياسي مداخلت، لاڳاپيل عملدارن جو پيشيوراڻين صلاحيتن جو استعمال نه ڪرڻ يا ان جي کوٽ هجڻ،  فنڊن جي  درست استعمال نه هجڻ، والدين جي عدم دلچسپي، اسڪولن ۾ گهربل  سهولتن جي اڻاٺ سان گڏ ڪرپشن پڻ اهم سبب بڻيل آهن.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسانجو ملڪ هن وقت معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن جو اثر تعليم جي شعبي تي پڻ تمام گهڻو پئجي رهيو آهي جنهن ڪري حڪمرانن کي گهرجي ته تعليم جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ جديد ۽ گهربل معيار جا سڌارا آڻين، معاشي بحران سبب ملڪ ۾ غريب سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۽ اُن جي لاءِ  ترجيح تعليم نه پر ٻن ويلن جي ماني آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ بدران دڪانن، هوٽلن ۽ ريڙهن تي بيهارڻ، ٻني ٻاري جي ڪم ۾ لڳائڻ، مزدوري ڪرائڻ وغيره تي ڌيان ڏئي رهيا آهن، يقيناً هر والدين جي اها خواهش هوندي آهي ته سندن ٻار تعليم يافته ٿين ۽ معياري تعليم حاصل ڪن، پر اسانجي معاشري ۾ غريب والدين جا خواب رڳو خواب ئي هوندا آهن، ساڀيان جي دڳ تي ناهن چڙهي سگهندا. پر ڪجهھ ادارا آهن جيڪي ساڀيان جي اُن دڳ کي سنواري هلي رهيا آهن، ان ڏس ۾ هڪ خودمختيار ادارو سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ صوبي ۾ تعليم کاتي جو ڪجهھ بار پيشيوراڻي انداز ۾ کڻي رهيو آهي، فائونڊيشن سنڌ جي تعليم ۾ معيار ۽ رسائيءَ لاءِ  ڪافي بهتر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پٺتي پيل علائقن جي غريب ٻارن لاءِ  پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اسڪول قائم ڪري ماهوار سبسڊي ڏئي، استادن ۽ شراڪتدارن کي پيشيوراڻي سکيا ڏيڻ سان گڏ انهن ٻارن کي تعليم جو حق مهيا ڪرڻ لاءِ  گذريل ٽن ڏهاڪن کان مسلسل ميدان ۾ لٿل آهي، جيڪي والدين غربت سبب پنهنجن ٻارن کي اسڪول ڏانهن موڪلي نه پئي سگهيا، يا جن ٻارن جي رسائيءَ ۾ ڪو ويجهو اسڪول موجود نه هو، اُهي اسڪولن کان ٻاهر ٻار هاڻي 3 هزارن جي لک ڀڳ فائونڊيشن اسسٽيڊ اسڪولن ۾ لڳ ڀڳ ساڍا 8 لک ٻار مفت ۽ معياري تعليم پرائي رهيا آهن، جڏهن ته تعليم کان رهجي ويل ٻارن جي لاءِ  خاص پروگرام جوڙي ان ايريا تي پڻ ڪم ڪيو ويو آهي ته جيئن اُهي ٻار ۽ ٻارڙيون پنهنجي تعليم کي جاري رکي سگهن. اسانجي صوبي ۾ اهڙا ڪيترائي ڳوٺ ۽ ننڍا وڏا شهر آهن، جتي ٻارن کي تدريسي عمل ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ  اسڪول نه هيا يا وري اسڪول هيا ته انهن ۾ تدريسي عملو نه هيو، ڪٿي وري گهربل سهولتون نه هجڻ جي برابر هيون جنهن جي ڪري والدين پنهنجي ٻارن کي خاص ڪري نياڻين کي اسڪولن ڏانهن موڪلڻ تي راضي نه هيا سي هاڻ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ نجي شعبي جي سهڪار سان انهن علائقن ۾ اسڪول قائم ڪري ٻارن کي معياري تعليم مهيا ڪري رهي آهي.

ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي زبون حال اسڪولن کي پڻ نجي شعبي جي سهڪار سان بهتر بڻائي انهن کي تعليم جي فراهمي جي قابل بڻائي رهي آهي، سنڌ حڪومت جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ  ڇوڪرين جي تعليم بابت شعور پيدا ڪري انهن جي داخلا جو اَنگُ وڌائي رهي آهي اسڪول کي هائير سيڪنڊري سطح تائين آڻي انهن ادارن ۾ ڇوڪرين جي لاءِ  گهربل سڀئي سهولتون نجي شعبي جي شراڪتداريءَ سان مهيا ڪري رهي آهي، جن جي کوٽ جي ڪري ڇوڪرين جا والدين کين اتي موڪلڻ کان ڪيٻائيندا رهيا آهن، سنڌ حڪومت سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان ننڍن ننڍن شهرن، ڳوٺن، واهڻ وستين ۽ خاص ڪري پٺتي پيل ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اسڪولن کي قائم ڪيو آهي ته جيئن سنڌ جو هر ٻار تعليم جو بنيادي حق حاصل ڪري سگهي ، خاص ڪري نياڻي، ڇو ته هڪ پڙهيل لکيل عورت ئي تعليم يافته نسل کي جنم ڏيندي آهي، اسانجي ملڪ ۾ تعليم جي وسيلن جي کوٽ سبب والدين ڇوڪرين کي اسڪول نٿا موڪلين پر هاڻي اهو رواج ڪنهن حد تائين تبديل ٿي رهيو آهي، هاڻي والدين نياڻين  کي به ان ئي حق سان اسڪول موڪلين پيا جنهن حق سان پُٽَن کي موڪليو ويندو آهي.

پر هتي هلندڙ طبقاتي نصاب والدين جي لاءِ  ڪنهن حد تائين ڳڻتي ضرور بڻيل آهي جنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته نصاب جي طبقاتي ورهاست کي ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري، ان تبديليءَ سان امير ۽ غريب جو ٻار هڪجهڙو نصاب اختيار ڪري سگهندو ۽ غريبن ۾ احساس محرومي گهٽجي ويندي، اها ٻئي ڳالهھ آهي ته پرائيويٽ اسڪول مافيا اهڙن قدمن جي سخت مخالفت ڪندي، ان لاءِ  حڪومت وٽ بهتر حڪمت عملي هجڻ گهرجي ۽ هن وقت ان جي لاءِ  ڀرپور انداز ۾ ڪم ڪرڻ جي شديد گهرج پڻ آهي ڇو ته سماج کي سڌارڻو آهي ته اسانجي اڍڙيل سوشل فيبرڪ کي تعليم جي ڌاڳي سان سبڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.