گئس بحران سبب صنعتڪار ۽ گهريلو صارف پريشان آهن: اڪرام ڌاريجو

ڪراچي(رپورٽر) صنعت، واپار ۽ گڏيل امداد جي کاتن بابت صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته گئس جي قلت جو ڪراچي سميت پوري ملڪ کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. گئس بند ٿيڻ جي ڪري صنعتي پيداوار متاثر ٿي آهي ۽ گهريلو صارفين پڻ مشڪلاتن جو شڪار آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته صنعتون بند ٿي رهيون آهن،هن چيو ته سنڌ صوبو وڌيڪ گئس پيدا ڪندو آهي ان ڪري سنڌ جو گيس تي پهريون حق آهي. اصولي طور تي سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ نه ٿيڻ گهرجي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت سان ڳالهيون ڪيون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.