مٽياريءَ ويجهو اجتماعي زيادتي بعد گُهٽا ڏئي ناري قتل

مٽياري (ڊ ر) مٽياري ويجهو الهڏنو ساند جي رهواسڻ کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش ڪيلي جي باغ ۾ اڇلايو ويو. رپورٽ موجب مٽياري جي ڳوٺ نور خان وگهيو ڀرسان جوڻيجا موري وٽ ڪيلي جي باغ مان نوجوان ناريءَ جو گهٽا ڏنل لاش هٿ آيو.پوليس لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو. ايس ايڇ او مٽياري ذوالفقار علي اوڍاڻو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي اطلاع مليو ته جوڻيجو موري وٽ ڪيلي جي باغ ۾ ڪو لاش پيل آهي پوليس فوري طور سرزمين تي پهچي نوجوان ناري جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو.ايس ايڇ او موجب ناري جي ڳچيءَ تي تشدد جا نشان آهن، ابتدائي جاچ مان لڳي ٿوته ناريءَ کي برقعي واري چادر سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي،وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ کان پوءِ واقعي جو سبب معلوم ٿي سگهندو.هوڏانهن مٽياري اسپتال ۾ ناريءَ جي لاش جي سڃاڻپ غزالا سولنگي ويٺل الهڏنو ساند طور ٿي.ناري جي پيءُ غلام رسول سولنگي ٻڌايو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي، پاڙي وارن ٻڌايو  ته تنهجي ڌيءُ کي ڪنهن گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.