بدين: عوامي آواز جي خبر بعد ڪامورن لوهي پل لڳرائي ڇڏي

بدين (ڊ ر) ٻنگار شاخ جي مٿان موري تي پل نه ھجڻ سبب معصوم  شاگردن جي ڪاٺ تان گذرڻ واري خبر عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ ۽سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ڪامورن ۾ ٻڙدڪ مچي ويو، ان سلسلي ۾ اڄ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿيڻي آهي،  عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ ڪنھن به سخت حڪم ملڻ جي خوف کان  ڪامورن ٿرپارڪر جي ايم پي اي ارباب لطف کان لوھ جي پل گھرائي ڪاٺ واري جاءِ تي رکرائي ڇڏي، عوامي آواز کي ڳوٺاڻن  ٻڌايو ته اها عارضي پل ٺهرائي وئي آهي ان مان معصوم ٻار رڳو گذري سگھن ٿا پر  مريضن کي بيمارين جي حالت  ۽ گاڏي ڪراس نه ڪري سگهندي ڇوته اها پل لوھ جي ٺاهي آھي جيڪا ھڪ ڏينھن اندر تيار ٿي پھچائي وئي آھي ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته  سرن جي پڪي پل ٺھڻ کپي ھا جيئن ڪنھن به وقت بيماري وغيره جي حالت ۾ گاڏي گھرن تائين پھچي سگھي ارباب لطف پاران لوھ  مان تيار ڪرايل ننڍي پل ان جاءِ تي ان لاءِ رکرائي وئي آهي ته جيئن اڄ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وٽ پيش ٿيڻ بعد ڪامورا پنهنجو پل جو ڪم ٿيڻ وارو موقف ڏئي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.