ميونسپل ٽيڪس اوڳاڙيءَ خلاف اسٽي آرڊر ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي بلز ۾ ميونسپل ٽيڪس شامل ڪرڻ خلاف جماعت اسلامي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالتي معاونت ۾ منير اي ملڪ، خالد جاويد ۽ جماعت اسلامي جي وڪيل عٽمان فاروق پيش ٿيا.عدالتي معاون اڳوڻي اٿارني جنرل خالد جاويد ڪي ايم سي ٽيڪس تي اهم سوال اٿاريا ته ڪي ايم سي ضلعي ڪائونسل جي ٺهراءُ تي انحصار ڪري رهي آهي، جيڪا چونڊيل باڊي هوندي آهي. خالد جاويد چيو ته هن ڀيري ڪا به چونڊيل باڊي نه آئي پر نگران ايڊمنسٽريٽر آهي، هي سوال اهم آهي ته نگران يا عارضي ايڊمسٽريٽر پاليسي تي فيصلو ڪري سگهي ٿو؟. هن چيو ته مڪاني چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿي ويو آهي، اهڙي طرح جي پاليسي  فيصلو چونڊيل باڊي کي ڪرڻ گهرجي، ڪي ايم سي مڪاني قانون جي حوالي سان شيڊول جي پارٽ ون جو حوالو ڏنو جڏهن ته نوٽيفڪيشن پارٽ ٽو جي حوالي سان آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي ته نگران يا عارضي حڪومت فيصلو ڪري سگهي ٿي.عدالتي معاون منير اي ملڪ چيو ته ٻه الڳ الڳ درخواستون آهن، ٻي درخواست ۾ ٽيڪس وصولي کي چئلنچ ڪيو ويو آهي، ڪي ايم سي هيل تائين ٻي درخواست تي جواب جمع نه ڪرايو آهي، ايڊمسٽريٽر پاران جيڪو جواب جمع ڪرايو ويو هو. هن موجب ته ميونسپل ٽيڪس نئون نه آهي، فائرڪنزويئسي ٽيڪس آهي. ڪي ايم جسي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل 2008ع کان ٽيڪس وٺي رهي آهي.ڊي ايچ اي ۽ ڪنٽونمنٽ بورڊ ڪي ايم سي جي دائري اختيار ۾ نه آهي .پهرين رهائشي، واپاري ۽ صعنتي سميت ٻين سهولتن جي مد ۾ 5 هزار رپيا ٽيڪس ورتو ويندو هو .ڪي ايم سي کي مالي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ جائز ٽيڪس وٺڻ ضروري آهي.عدالت ڪي ايم سي جي وڪيلن کي سمورن سوالن جي جوابن لاءِ تياري ڪري اچڻ جي هدايت ڪئي ۽ ٽيڪس نفاذ جي حوالي سان درخواستن تي به لکت ۾ جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. بجلي بل ۾ ميونسپل ٽيڪس وصولي خلاف اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪري ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.