ٿر ۾ عرب شهزادن لاءِ ڪئمپون قائم، ڏيپلو ۽ اسلام ڪوٽ جي ڳوٺاڻن جا لنگهه بند

نمٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿر ۾ پکين جي شڪار جي اجازت ملي وئي،دبئي ۽ قطر جا عرب شهزادا ٽن صوبن جي مختلف ضلعن ۾ تلور جو شڪار ڪندا، تياريون شروع ٿي ويون، ٿر ۾ راکن عرب شهزادن لاءِ ڪئمپون قائم ڪري مقامي ڳوٺن جا گس ۽ مال جا چراگاھ بند ڪري ڇڏيا.وفاقي سرڪار گيم سينچري ۾ پابندي پيل ٿر جي تعلقن ڏيپلو ۽ اسلام ڪوٽ ۾ شڪار جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي.وفاقي سرڪار قطر جي حڪومت پاران موڪليل خط واري درخواست تي ملڪ جي چئني صوبن ۾ قطر جي رائل فيملي سان لاڳاپيل 17 ڄڻن کي شڪار جي ڇوٽ ڏيڻ لاءِ علائقا ورهائي مختلف ضلعن ۽ تعلقن ۾ چونڊ ڪري ڏئي ڇڏيا،ان سلسلي ۾ سڪيورٽي جا انتظام سنڀالڻ لاءِ واسطيدار صوبن جي آءِ جيز کي فل پروٽوڪول ڏيڻ ۽ واسطيدار کاتي وائلڊ لائيف کي اهڙيون هدايتون جاري ڪيون ويون آھن،ٿر ۾ شڪار لاءِ قطر جي شهزادي شيخ تميم بن حامد الثاني کي اجازت ڏني وئي آھي، جيڪو ٿر جي رڻ پٽ جي تعلقن ڏيپلو ۽ اسلام ڪوٽ ۾ شڪار ڪندو، جنهن پنهنجي مک ڪئمپ ڇائيڇپڙو ڳوٺ ڀرسان لڳائي ڇڏي آھي،ان کان سواءِ پنهنجون شڪاري بچاءِ جون ڪئمپون علي بندر کان ويندي تيراڙ تائين مختلف 10 ڪلو ميٽر کان 15ڪلو ميٽر تي لگايون آھن ۽ اُتي هينئر کان ئي شڪار جا رکوالا مقرر ڪيا ويا آھن.ٻئي پاسي ڳوٺاڻن موجب شيخ تميم جي ڪئمپ لڳڻ بعد مقاقي ڳوٺاڻن لاءِ پنهنجا ئي علائقا نوگو ايريا بڻجي ويا آھن ۽ انهن علائقن ۾ عام ڳوٺاڻن جي اچ وڃ تي به بندش وڌي وئي آھي.

اجازت نامي جي اُبتڙ غيرقانوني شڪار

مٺي:شڪار لاءِ مليل اجازت نامي جي اُبتڙ غيرقانوني شڪار ٿئي ٿو،شهزادن کي صرف تلور پکين جي اجازت ڏني وڃي ٿي ۽ هُو شڪار جا علائقا سيل ڪري تلور پکين کان سواءِ جهنگلي جيوت جو غيرقانوني شڪار ڪن ٿا،اجازت نامو صرف عرب شڪارين کي جاري ٿئي ٿو، عرب شڪارين جي اچڻ کان اڳ ڪئمپون قائم ڪري ويٺل سندن ملازم اڳواٺ شڪار شروع ڪري ڇڏين ٿا،شڪار جي تاريخ کان اڳ ڪئمپن ۾ رهندڙ راکا ڏينهن رات علائقن ۾ بندوقن جا فائر ڪري شڪار ڪندي نظر ايندا آهن،،جن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي.

جهنگلي جيوت جو نسل خطري ۾ پئجي ويو

مٺي:جهنگلي جيوت جو نسل خطري ۾ پئجي ويو، پکين کي ماريندڙ سرگرم ٿي ويا،هرسال جيان هن سال به جهنگلي جيوت جو شڪار غيرقانوني ٿيندو آهي، جنهن جو ذميوار اڳواٽ پهتل قطري شهزادي جو عملو  ئي ٿي سگهي ٿو،علائقي ۾ هرڻ،سها،تتر ۽ ٻي جهنگلي جيوت موجود آھي، جيڪو به هزارن جي تعداد ۾ موجود آهي،شڪاري تلور کي مارڻ بهاني غيرقانوني طريقي سان جهنگلي جيوت جو شڪار ڪن ٿا،

وائلڊ لائف کاتي کي شڪار جو اجازت نامو ڏيکارڻ کان انڪار

مٺي:قطري شهزادي جي پهتل عملي وائلڊلائف کاتي کي اجازت نامو ۽ ڄاڻ فراهم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن تي ڊپٽي ڪنزريويٽر پنهنجي کاتي کي شڪايتي ليٽر موڪلي ڇڏيو،اُن سلسلي ۾ وائلڊ لائيف کاتي جي ڊپٽي ڪنزيويٽر اعجاز ٽالپر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  قطري شيخ جو اسٽاف اسان سان ڪنهن به قسم جي ڄاڻ توڙي انتظامي حدبندي جي معاملي ۾ ڪجهه به ڳالهائڻ لاءَ تيار نه آھي ۽ هو ڇا ڪندا ؟ اها به هنن کي خبر آھي،مون پنهنجي فرض جي ادائيگي ڪندي واسطيدار اعلىٰ اخيارين کي لکت ۾ ليٽر لکي آگاھ ڪيو آھي ته قطري شيخ تميم بن حامد الثاني جا ملازم توڙِ مئنيجر ڪا به ڳالهھ ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آھن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.