ڪوئيٽا(م ڊ) پاڪستان ۾ نين چونڊن جون وقت کان اڳ تياريون، بلوچستان ۾ به سياسي پارو هاءِ ٿيڻ لڳو صوبي جي پشتون ۽بلوچ قومپرست تنظيمن نين چونڊن لاءِ غيرمعمولي حڪمت عملي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ڊي ڊبليو سان ڳالهائيندي چيو ته سياسي معاملن ۾ جڏهن زميني حقيقتون نظرانداز ڪيون وڃن ته نتيجا ڪنهن به طور تي هاڪاري سامهون نٿا اچي سگهن، هن چيو ته عوام کي بنيادي حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ کان بغير ملڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ جي صورتحال بهتر نٿي ٿي سگهي، منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هتي حڪمرانن جي طئي ٿيل ترجيحات تي نظرثاني جي ضرورت آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ درپيش مالي بحران کي به وڌيڪ بگاڙي سگهي ٿي، بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي ڪوئيٽا ۾ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي موجودگي ۾ جي يوآءِ ۾ ساٿين سميت باقاعده شموليت جو اعلان ڪيو،