شهدادڪوٽ ويجهو واپار کان ڦر،مزاحمت تي زخمي

شھدادڪوٽ ( ثمر رفيق ڀٽي) شھدادڪوٽ ويجهو ڀانڍڙي جي وانڍ کان نامعلوم ھٿياربندن قبوسعيدخان کان شھدادڪوٽ  موٽر سائيڪل تي ايندڙ واپاري ذوالفقار ڪمبوھ کان ھٿيارن جي زور تي 60 ھزار روڪ ۽ موبائل فون ڦر ڪري ورتي بعد ۾ موٽر سائيڪل به ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته  متاثر واپاري مزاحمت ڪئي جنهن تي ڦورن کيس پير ۾ گولي ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو,جنهن کي شھدادڪوٽ تعلقه اسپتال داخل ڪيو ويو.

  • لاڙڪاڻي ۾ واپاري جا پئسا هڙپ ڪرڻ جي وڊيو وائرل، ايس ايس پي جو نوٽيس، 2 اهلڪار معطل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس جي مددگار بيس 15 جي اهلڪارن پاران مبينا طور سبزي منڊي جي واپاري جا پئسا هڙپ ڪرڻ ۽ واقعي جا سي سي ٽي فوٽيجز وائرل  ٿيڻ واري معاملي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. ايس ايس پي پاران، اهڙي واقعي کان پوءِ ويڊيو ۾ نظر ايندڙ مددگار بيس 15 جي ٻن اهلڪارن ڪپتان جتوئي ۽ بخت جاگيراڻي کي معطل ڪري معاملي جي جاچ لاءِ ايس پي سٽي عتيق الرحمان انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي اي ايس پي کي هدايت ڪئي آهي ته انڪوائري رپورٽ موجب ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. واضع رهي ته ڄاڻايل پوليس اهلڪارن طرفان مبينا طور سبزي منڊي جي واپاري کي کڻي 80 هزار روپيا کيسا مان ڪڍي 5 لک روپيا ساڻ کڻي زبردستي اي ٽي ايم تان ڪڍرائي مارڪٽ ڪري واپاري کي ڇڏي ڏنو جنهن واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.