اسلام ڪوٽ ڀرسان معمولي ڳالهه تان جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي

اسلام ڪوٽ (ت ر) ٿرڪول ايريا جي ڳوٺ جيئندو درس ۾ درس برادري جي  ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾  لٺيون  ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب  پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن ۾ امير حسن ولد مومن درس، پرويز ولد محمد ھاشم فتح محمد ولد جان محمد عبدالحليم ولد برحان عباس ولد برحان ۽ اسماعيل ولد محمد ھاشم شامل آهن،سمورن زخمين کي اسلام ڪوٽ جي اسپتال آندو ويو،انهي سلسلي ۾ زخمي ٿيلن دانهيندي چيو ته مخالف ڌر جي بااثرن  اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي بااثرن سان اسان جو چوپايو مال جي چوري جي ماملي تان تڪرار هلندڙ هو هنن الزام هڻندي چيو  بااثرن  چوپايو مال چوري ڪرايو ظاهر به ٿيو جنهن بعد هنن ڀري ڏيڻ جو واعدو به ڪيو پر  وري  ڦري ويا بعد ۾ هنن اوچتو اچي اسان جي نوجوان  مٿان حملو ڪيو ۽ جهيڙو ڪري  ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي اسان کي زخمي ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.