موري لڳ مبينا مقابلو، پوليس پڪڙيل ٻن ڄڻن کي هاءِ فراءِ ڪري ڇڏيو

مورو  ( رپورٽ:  شاھنواز ڀٽي  ) مورو پوليس  مقابلي ڄاڻائي گرفتار جوابدارن کي ھاف ڦرائي ڪري ڇڏيو، ٻه ڏينھن اڳ مورو درس پوليس ٽريڪٽر جي ڏوھ ۾ جوابدار سعيد احمد ڪلھوڙو،علي احمد بروھي  کي  گرفتار ڪيو ھو ، مورو پوليس دعويٰ ڪئي آھي ته   ٽيون ميل قومي شاهراھ مورو تي پوليس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ٻن ڦورن کي مورو اسپتال آندو ويو گرفتار ڪيل جوابدارن جي سڃاڻپ سعيد احمد پٽ غلام قادر ڪلھوڙو ويٺل ستون نمبر ناڪو لاڙڪاڻو ۽ علي محمد پٽ شفيع محمد بروھي ويٺل ڳڙهي خيرو جيڪب آباد جا ٻڌايا پيا وڃن ٻئي پاسي ڊي ايس پي مورو امداد سولنگي پنھنجو موقف ڏيندي چيو ته  صبح سوير قومي شاهراھ درس باءِ پاس مورو تان ڪار سوار 6 ھٿياربندن محمد امين ابڙو کان ٽريڪٽر ڦر ڪيو ھو جيڪو رات جي ٽائيم ڦورن پاران ڦر ڪيل ٽريڪٽر مورو کان نوابشاھ منتقل ڪيو پئي  اھڙو خفيه اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او مورو مقصود رضا مگڻھار ۽ ايس ايڇ او درس عبدالمنعيم لاڙڪ پوليس نفري سان گڏ قومي شاهراھ تي ناڪابندي ڪئي ناڪابندي ڪئي قومي شاهراھ تي ڦورن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو جتي ڦورو ٽريڪٽر ڇڏي پوليس تي فائرنگ ڪندا ڪيلي جي فصل ۾ لھي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن وٽان ٻه پسٽل ھٿ ڪيا ويا آهن مورو ٿاڻي تي گرفتار ۽ فرار جوابدارن وڌيڪ جوابدارن لائي جانچ ھلي رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.