ڪنڌڪوٽ (ن ع آ)ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن پوليس جي زيادتين خلاف بهلڪاڻي برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ شريڪ بهلڪاڻي برادري جي مولوي احمد الدين بهلڪاڻي، محمد علي بهلڪاڻي، محمد حريف بهلڪاڻي، حبيب الله بهلڪاڻي چيو ته اسانجون 3 موٽر سائيڪلون چور ڪاهي فرار ٿي ويا، انهن خلاف پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، بي سيڪشن پوليس چورن سان ٻٽ بڻيل آهي.