گهوٽڪي واسي پورهيت سعودي ۾ جڳهه تان ڪري فوت

گهوٽڪي ( ڊ ر )  گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ فقير محمد چاچڙ جو رهواسي لال بخش ولد ڇٽو چاچڙ سعودي عرب ۾ مزدوري ڪندو هو ،ڪم جي دوران  هڪ جڳھه تان ڪِري پيو جيڪو ٿڏي تي فوت ٿي ويو،سعودي انتظاميا لاش کي کڻائي اسپتال پهچايو ، اهڙو اطلاع فوتي جي گهر مليو ته گهر ۾ قهرام مچي ويو ، سعودي حڪومت جو چوڻ آهي ته اسين پنهنجي قانوني ڪارروائي ڪري رهيا آهيون ان کان بعد ۾ لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.