ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌ ڪوٽ فرسٽ سول جج منظور خان ڌاريجو جي عدالت ۾ جيھڙي جي ڪيس ۾ ڏوھه ثابت ٿيڻ تي چئن جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، بي سيڪشن ٿاڻي تي فريادي مٺڻ اوڳاھي جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ جوابدار منور علي عرف منو کي ٻھ سال قيد ۽ ڏهه ھزار رپيا ڏنڊ، جوابدارن منظور عرف ڀائو علي خان، غلام حسين عرف پپو ۽ انور علي کي ھڪ ھڪ سال قيد ۽ پنج پنج ھزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جنهن بعد جوابدار جيل حوالي ڪيا ويا.