گهوٽڪي ( ڊ ر ) ڊيوٽي ۾ غفلت جو مظاهرو ڪندڙ گهوٽڪي پوليس جا 11 اهلڪار پنهنجي ڊيوٽي تان هٿ ڌوئي ويٺا ، سندن ڊيوٽي ختم ڪرڻ بابت وائرليس ميسيج جاري ٿي ويو ،پوليس ذريعن مطابق ته ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو پاران ڊيوٽي ۾ غفلت ۽سستي جو مظاهرو ڪندڙ 11 پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي ختم ڪري ڇڏي آهي، ڊيوٽي ختم ٿيندڙن ۾ پوليس اهلڪار صفدر علي سومرو، راشد علي پنهور، محمد ياسين ڪولاچي، اسد علي سمون، اظهر علي سومرو، نادر علي لغاري، محمد اسلم عارباڻي، ماجد علي مشوري ، زاهد حسين شيخ ، عبدالحق ملاڻو ۽ امداد الله مهر شامل آهن ،پوليس ذريعن مطابق ته اهڙو وائرليس ميسيج پڻ جاري ٿي چڪو آهي.