اوٻاوڙو جي اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ، ماٿيلي ۾ احتجاج

ميرپورماٿيلو ( ت ر ) اوٻاوڙو تعلقي جي لوئر سيڪنڊري اسڪول ٽڳ ۾ سالن کان فرنيچر ۽ استادن جي کوٽ آھي. انرول ٿيل چار سئو کان وڌيڪ ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم پرائڻ کان محروم آھن، جنھن خلاف والدين ۽ سوين شاگردن گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ھٿن ۾ ڪارا جھنڊا ۽ بينر کڻي ريلي ڪڍي، ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ۽ فرنيچر ڏيڻ لاءِ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته ھڪ سياسي ڀوتار نمائندي پاران ووٽ نه ڏيڻ جي سزا ڏيندي آفيسرن کي اسڪول ۾ فرنيچر ۽ استاد ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آھي. اسڪول ۾ سھولتون ڏيڻ بجاءِ ڊي سي گھوٽڪي ۽ ايجوڪيشن جا ڪامورا ڀوتار جي فرمانبرداري ڪندي اسڪول کي بند ڪرائڻ جي سازش ڪري رھيا آھن.  ٽن ڏينھن کان ھو ڊي سي آفيس اچي احتجاج ڪري رھيا آھن پر ڊي سي ملاقات لاءِ تيار ناھي ۽ نه ھو اسڪول جي مالڪي ڪري رھيو آھي.ھنن وسوارن لوئر سيڪنڊري اسڪول ٽڳ کي فرنيچر استاد ۽ ٻيون ضروري بنيادي سھولتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.