مبارڪپور ( ن ع آ ) مبارڪپور ۽ ڀرپاسي سماجي براين وڌڻ کان پوءِ بدامني چوٽ چڙهي وئي، هڪ هفتي اندر چوري جون ٽي وارداتون ٿيو ، چور پورهيت رياض مهر جون ٻه مينهون چوري ڪري فرار ٿي ويا، ٻئي چوري جي واردات مبارڪپور جي ذبون حال هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ هلندڙ جوا جي ٽڪري تان هڪ جواري آفتاب احمد ڀٽو جي نامعلوم چور سي ڊي موٽر سائيڪل ماڊل 2020 چوري ڪري فرار ٿي ويا ، مبارڪپور پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، هوڏانهن شهر ۾ وڌندڙ سماجي براين ۽ بد امني سبب شهر جي سڃاڻ ڌرين تاءُ پکيڙيل آهي، ايس ايس پي جيڪب آباد ٽُمير نور چنه کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ وڌندڙ بد امني ۽ سماجي براين تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.