لاڙڪاڻو پوليس جي ڪارروائي، 6 جوابدار گرفتار ، هٿيار هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ٽارگيٽڊ ڪاروائي ڪري 6 جوابدارن  کي گرفتار ڪري سندن وٽان غيرقانوني هٿيار، 7 ڪلو چرس ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ سي آءِ اي انچارج پوليس ۽ نظر پوسٽ محلا گڏيل ڪارروائي ڪندي بين الاضلاعي منشيات سپلائر شوڪت چانڊيو کي 5 ڪلو چرس سميت، علي گوهر آباد پوليس مبينا ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلو ڪندي گهربل ۽ سرگرم جوابدار طاهر جتوئي کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت، دڙي پوليس چيڪنگ دوران بيت المال ڪالوني مان منشيات فروش شوڪت بوزدار کي 2 ڪلو چرس سميت، الهه آباد پوليس چيڪنگ دوران منشيات فروش ثناءَ الله تونيو کي 450 گرام چرس سميت، وليد پوليس چيڪنگ دوران روپوش جوابدار ذيشان ڏاهاڻي کي ۽ دڙي پوليس گشت دوران روپوش جوابدار عرفان پنهور کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي سچل پوليس شهري ڊاڪٽر وشنومل جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪ حوالي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.