سکر ۾ بحالي واري کاتي جي سيڪريٽري اسڪول بلائينڊ اسڪول جو دورو ڪيو

سکر (رپورٽر  ) سنڌ حڪومت جي خاص ٻارن جي بحالي واري کاتي جي سيڪريٽري هادي بخش ڪلهوڙو سکر ۾ نابين ٻارن جي بحالي واري مرڪز (بلائنڊ اسڪول) جي دوري جي موقعي تي استادن سان  ڳالهائيندي چيو ته سينٽر جي مختلف شعبن جو دورو ڪيو ۽ سينٽر ۾ پڙهندڙ نابين شاگردن جي ٻڌڻ، ڳالهائڻ، ذهني ۽ جسماني صلاحيتن جي ڪلاسن ۾ وڃي معائنو ڪيو ۽ سينٽر جي تعليم، تربيت، سنڀال ۽ طبي سهولتن ۽ بحالي بابت تفصيلي ڄاڻ ورتي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ريهيبليٽيشن سينٽر سکر ريجن عبدالرزاق عباسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اطهر ڀيو ۽ ٻيا آفيسر ۽ استاد پڻ موجود هئا. هادي بخش ڪلهوڙو وي آءِ سي سينٽر ۾ خصوصي ٻارن جي سار سنڀال، تعليم ۽ تربيت جي فراهمي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اهي ٻار استادن ۽ ٻين عملي جي ڀرپور توجهه جا مستحق آهن ۽ اسان کي گهرجي ته انهن ۾ موجود صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن.

  • ڪبوتر بازي جو شوق، حيدرآباد ۾ نينگر بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي ويو، ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي طالب المولا ڪالوني جي رهواسي 12 ورھين جي نينگر ارشاد علي پٽ ھدايت علي خاصخيلي کي وارثن علاج لاءِ برنس وارڊ ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو، زخمي نينگر جي چاچي  عاشق خاصخيلي ٻڌايو ته ڀائٽيو ڪبوتر جي تلاش ۾ گهران نڪتو ۽ ٿنڀي تي ڪبوتر ويٺل ڏسي ان کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته واقعو پيش آيو، افسوسناڪ واقعو ٻڍاڻي ٿاڻي جي حد طالب مولا ڪالوني ۾ پيش آيو, پوليس پاران واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.