سعيد شيخ جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ميهڙ ۾ ايس ٽي پي جو احتجاج

ميھڙ (ن ع )ميھڙ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ 3 ڏينھن اڳ ميھڙ جي گھنٽاگھر چوڪ ڀرسان لعل شاه ڪالوني وٽ ڦر دوران مزاحمت تي ھٿياربندن ھٿان  قتل ٿيل نوجوان نجي بئنڪ ملازم سعيد شيخ جي قتل واري واقعي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ضلع دادو جي صدر پير گمبل شاه ، عبدالحميد سومرو، سڪندر کوکر ، محبوب لاکير، اسماعيل چانڊيو، فقير علي حسن جانوري، عبدالوحيد سپريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي آفيس کان 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي شهرين چيو آھي ته  ميھڙ شھر ۾ ڦرون ڌاڙا چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آھن بدامني وڌڻ سبب بيگناه انساني جانيون اجل جو شڪار ٿين پيون ۽ ھٿيار بندن بيگناه نوجوان کي قتل ڪيو آھي پر پوليس ڪجھه  به ناھي ڪيو ، شھر ۾ بدامني وڌي وئي آھي پر ان باوجود پوليس ڏوھارين خلاف ڪاروائي نه  ڪري سگھي آھي ھنن چيف جسٽس سنڌ .آءِ جي سنڌ کان گھر ڪئي آھي  ته ميھڙ ۾ وڌنڌڙ بدامني جو نوٽيس وٺي نوجوان سعيد شيخ جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.