ميڊيا تي خبر ھلڻ بعد عمر ڪوٽ جي معذور کي سائيڪل ملي وئي

عمرڪوٽ (ڊ ر ) تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ ڪلوميٽر پري ريڙيون پائي ھڪ پرائيويٽ ڪمپوٽر سينٽر تي مفت تعليم حاصل ڪرڻ  لا۽ ايندڙ معذور نوجوان رميش ڪولھي جي درد کي سمجھندي سماجي ڪمن ۾ سدائين اڳڀرو رھندڙ بھادر منڱريو چئرمين بھادر ميڊيڪل سينٽر جي طرفان ان نوجوان جي تعليم کي جاري رکڻ لاءِ سائيڪل مھيا ڪئي وئي ته جيئن نوجوان سائيڪل تي اچي تعليم کي جاري رکي سگھي. اڄ اھو سائيڪل سماجي ورڪر عبدالڪريم تبسم منگريو بھادر ميڊيڪل سينٽر جي ٽيم سان گڏجي سينئر صحافي غلام قادر آريسر وٽ پھتا ۽ نوجوان معذور کي سائيڪل ڏني ۽ ٻه  وگا ڪپڙن جا به ڏنا ان کان پو۽ رميش کي گھر ڇڏڻ لا۽ ٽيم وئي ۽ رميش کي ڪاروبار کولي ڏيڻ لا۽ جگھ ڏٺي وئي  ته  نوجوان کي سماجي شخصيتن جي تعاون سان ڪاروبار کولي ڏنو وڃي تہ جئين نوجوان تعليم سان گڏوگڏ روزگار ڪري پنھنجو گھر کي ھلائي سگھي.

  • شھدادڪوٽ ۾ ايس يو پي احتجاج ختم، مختيارڪار مطالبا تسليم ڪري ورتا

شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر رفيق ڀٽي) شھدادڪوٽ ۾ مختيارڪار خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي 21 ڏينهن کان ھلندڙ احتجاج  بعد نيٺ مختيارڪار مطالبا تسليم ڪري ورتا، ايس يو پي جي احتجاجي ڪئمپ تي اسسٽنٽ مختيار ڪار جاويد اختر ڪمبوه جي اڳواڻي ۾ ھڪ وفد آفيس ھيڊ ڪلارڪ نظام مگسي، ڪلارڪ زاھد مغيري، درزي يونين صدر گل ڀٽي ۽ سماجي اڳواڻ طارق ٻرڙو پھچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو. ان حوالي سان ايس يو پي جي اڳواڻن آصف مگسي، الله داد خشڪ، ياسين رند، حاڪم مستوئي، حمل خشڪ، آصف لاشاري، رميز تنيو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي احتجاج جو مقصد ٻوڏ متاثرن جي حقن جي حاصلات لاءِ ھو جيڪو 21 ڏينهن لڳاتار جاري رھيو پر جڏهن تعلقي انتظاميا پنهنجو وفد موڪلي ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ سان گڏ ڊٿل گھرن جي سروي ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. جنهن کان پوءِ اسان آيلن کي مان ڏيندي پنهنجو احتجاج ختم ڪيو آهي جيڪڏهن طئي ٿيل ڳالهين تي عمل نه ڪيو ويو ته پوءِ اسان جو احتجاج مختيارڪار جي ھٽائڻ لاءِ ھوندو.

  • جيڪب آباد ۾ ووٽر جي قومي ڏينهن جي حوالي سان تقريب

جيڪب آباد  ( ڊر ) ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن پاران ضلعي ڪائونسل ھال ۾  7 ڊسمبر ووٽر جي قومي ڏينهن جي حوالي سان  تقريب ٿي جنهن بعد ضلعي ڪائونسل ھال کان ڊي سي چوڪ تائين جاڳرتا ريلي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر زاھد حسين ڀٽو نصر الله سومرو عبدالحئي سومرو وڪيل صوفيه شاھد جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي ھنن چيو ته  ماڻهون کي گهرجي ته هو پنهنجي ووٽ جي رجسٽريشن قومي شناختي ڪارڊ تي   مستقل/موجوده ايڊريس تي ڪن، جيڪي  ووٽر رجسٽرڊ ٿيل آهن انهن کي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ووٽ جي تصديق کي يقيني بڻائڻ گهرجي.ووٽ جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ سول سوسائٽي ۽ مختلف اسٽيڪ هولڊرز کي هن قومي فرض ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ووٽ جي اهميت ۽ ان جي رجسٽريشن جي حوالي سان پنهنجي عام زندگي ۾ مهم هلائن  ته جيئن هي اهم پيغام جيڪب آباد ضلعي جي هر فرد تائين پهچي سگهي ۽ هو پنهنجي ووٽ جي رجسٽريشن کي يقيني بڻائي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.