جهڏي ۾ عطائي ڊاڪٽر نوجوان جي ٻانهن ۽ ٽنگ خراب ڪري ڇڏي

جهڏو (ن ع آ) جهڏو ۾ عطائي ڊاڪٽر رفيق آرائين غلط انجيڪشن هڻي نوجوان کي اپاهج ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ متاثر نوجوان سليم  لنڊ ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ بخار هجڻ سبب جهڏو جي هاءِ اسڪول وٽ قائم نجي اسپتال جي ڊاڪٽر رفيق آرائين وٽ ويس جنهن مونکي ٻانهن ۾ انجيڪشن هنئي ۽ هن جي لکيل دوا وٺي گهر موٽي ويس ته جسم ۾ شديد تڪليف ٿي وئي ۽ ساڄي پاسي واري ٻانهن ۽ جنگهه تي سوج ٿي وئي، آئون جسماني طور مفلوج ٿي ويس، جنهن بعد ٻي ڏينهن ساڳي ڊاڪٽر وٽ وڃي شڪايت ڪئي ته هن الٽو مونکي ڌاٻا دڙڪا ڏئي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد هڪ ٻي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ته هن مون کي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب ري ايڪشن ٿيڻ جو چئي فوري طور حيدرآباد جي اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو، جنهن بعد حيدرآباد سول اسپتال ۾ علاج زير علاج آهيان. ٻئي پاسي سماجي تنظيم ”سنڌ سرتيون” جي ‘ اڳوڻ زينت ڀٽي چيو ته جهڏو جي عطائي ڊاڪٽر جي غلط علاج سبب نوجوان جي ٻانهن ۽ ٽنگ ڪم نه پيا ڪن، سمورو جسم مفلوج ٿي ويو آهي، بيماري جي بستري تي هجڻ سبب پورهيت جا معصوم ٻارڙا بکون ڪاٽي رهيا آهن، هن صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين توڙي وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽس وٺي عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري تدارڪ ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.