حيدرآباد ۾ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ روڊ حادثي دوران ڪار سوار جو واٽهڙو ۽ موٽرسائيڪل سوار کي ٽڪر, هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو, جڏهن ته 2 ڄڻا  زخمي ٿي پيا. قاسم آباد جي واڌو واھه روڊ تي هڪ ڪار واٽهڙو ۽ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو. ٽڪر جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي قاسم آباد پوليس پھچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو, جتي فوتي جي سڃاڻپ دلٺار پٽ مھيار مڱريو طور ٿي آھي. حادثي ۾ زخمي ٿيلن جي سڃاڻپ 20 ورھين جي فيروز ۽ 22 ورھين جي سڪندر طور ٿي آھي. فوتي جو مڙھ سول اسپتال جي سرد خاني ۾ امانت طور رکرايو ويو, جتان بعد ۾ وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ڪار سوار حادثي بعد فرار ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.