تنگواڻيءَ ۾ مغوين جي آزاديءَ لاءِ بک هڙتال، بدامنيءَ خلاف تحريڪ جو اعلان

ڪنڌ ڪوٽ / تنگواڻي (رپورٽ: ممتاز سنڌي/ مھتاب ملڪ)  تنگواڻي شهري اتحاد پاران 9 ڏينهن کان اغوا ٿيل معصوم مسرور احمّد بکراڻي ۽ اڍائي مهينن کان اغوا ٿيل محمّد بخش لاشاري جي آزاد نه ٿيڻ خلاف  ٻئي ڏينهن به بک هڙتالي ڪيئمپ جاري آهي، معصوم مغوي مسرور احمّد بکراڻي جي آزاديءَ لاءِ شهري اتحاد جي اڳواڻن قاري ڪفايت الله کوسو، ر بڏنو ملڪ ۽ رحمدل لاشاري جي اڳواڻي ۾ بس اسٽينڊ اڳيان قائم ڪيل بک هڙتالي ڪئمپ ۾ وارثن ۽ شهرين پڻ شرڪت ڪئي. هنن پوليس جي ناقص ڪارڪردگي خلاف پڻ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوليس تحرڪ نه ورتو ته انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪنداسين. مغوي جي وارثن ٻڌايو ته هنن جي گهر ۾ ڪهرام متل ۽ نينگر جي ماءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، پوليس ٺلها دلاسا ڏئي رهي آهي، هنن گهر ڪئي ته جلد مغوين کي آزاد ڪرائي گهرن ۾ پکڙيل بيچيئني ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن ڪنڌ ڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ تنگواڻيءَ مان اغوا ٿيل ٻالڪ ٽن ورھين جو مسرور احمد بکراڻي سميت اغوا ٿيلن جي آزاديءَ لاءِ آل پارٽيز موومينٽ پاران احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو. اڄ کان روزاني گھنٽا گھر چوڪ تي ٻھ ڪلاڪ احتجاجي ڪيمپ لڳائي ويندي. انھي حوالي سان ظريت بجاراڻي، غلام مصطفي ميراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، اڪرم باجڪاڻي، سجاد بروھي جي اڳواڻي ۾ چار ڏينهن تائين ڪيمپ لڳائي احتجاج ڪيو ويندو. جنهن بعد ٻئي مرحلي ۾ احتجاجي مظاھرا ڌرڻا ۽ شٽربند ھڙتال جي به ڪال ڏني ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.